اسلام آباد: (م ڊ ) اليڪشن ڪميشن ڪراچي جي قومي اسيمبلي جي ٽن تڪن جي نتيجن خلاف داخل ڪيل درخواستون رد ڪري ڇڏيون آهن. اليڪشن ڪميشن ٽنهي تڪن جي نتيجن خلاف درخواستگذارن کي اليڪشن ٽربيونل سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.اين اي 237 ڪراچي مان اميدوار ظهورالدين، اين اي 239 تان محمد ياسر ۽ اين اي 241 تان تحريڪ انصاف جي اميدوار خرم شير زمان جون درخواستون رد ڪيون ويون آهن. ياد رهي ته قومي اسيمبلي جي انهن ٽنهي سيٽن تي پيپلز پارٽي جا اميدوار ڪامياب ٿيا هئا. جنهن کان پوءِ سندن خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ نظرثاني درخواست داخل ڪئي وئي هئي.