My WordPress Blog

نگران وزيراعظم قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ لاءِ صدر ڏانهن ٻيهر سمري اماڻي ڇڏي

0

اسلام آباد: (م ڊ )  قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جي لاءِ نگران وزيراعظم صدر عارف علوي ڏانهن ٻيهر سمري اماڻي ڇڏي آهي، ان سان گڏ ئي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جو اجلاس طلب ڪرڻ جو اختيار به ڏئي ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ صدر عارف علوي ڏانهن اماڻيل سفارشن ۾ آئين جي تحت اسيمبلي اجلاس گهرائڻ جي تجويز ڏني آهي ۽ چيو آهي ته آئين جي تحت چونڊن جي 21 ڏينهن اندر اجلاس طلب ڪرڻ آئيني ڊيڊ لائن آهي. صدر آئين ۾ لکيل ڊيڊ لائن موجب قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائي. ٻئي پاسي صدر عارف علوي طرفان اجلاس نه گهرائڻ تي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جا متبادل انتظام مڪمل ڪيا ويا. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ به نگران وزيراعظم ڏانهن سمري اماڻي ڇڏي آهي جيڪا پارلياماني معاملن جي وزارت کي ڏني وئي آهي پر اها سمري واپس سيڪريٽريٽ کي ملي وئي آهي. نگران وزيراعظم قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي آئيني ڊيڊ لائن گذرڻ تي اجلاس گهرائڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو آهي جنهن تي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ آئيني ڊيڊ لائن پوري ٿيڻ تي اجلاس گهرائڻ جو اصولي فيصلو ڪيو آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته قومي اسيمبلي جي اجلاس جو نوٽيفڪيشن اربع ۽ خميس جي رات دير سان جاري ڪرڻ جو امڪان آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.