مردان: (م ڊ ) خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردن پوليس مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ايس پي ٿڏي تي شهيد جڏهن ته ڊي ايس پي سميت 3 اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا آهن. ريسڪيو 1122 موجب مردان جي تعلقي ڪانلنگ جي علائقي ززمنه ۾ دهشتگردن طرفان پوليس تي حملو ڪيو ويو جنهن ۾ گولي لڳڻ سبب ايس پي اعجاز خان شهيد ٿي ويو جڏهن ته ڊي ايس پي سميت 3 اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا آهن. گذريل رات دير سان ساڍي 3 وڳي واقعي جي اطلاع ملندي ئي ريسڪيو 1122 جي ٽيم ايمبولينس ۽ ميڊيڪل عملي سان گڏ واقعي واري هنڌ پهتي جتي امدادي ٽيم زخمين کي شروعاتي طور تي طبي امداد ڏيندي ٽي ڊي ايڇ ۽ ايم ايم سي منتقل ڪري ڇڏيو. فائرنگ جي واقعي ۾ زخمي ٿيندڙ اهلڪارن ۾ ڊي ايس پي نسيم خان، منصور ۽ سليم شامل آهن. اڄ صبح جو ايس پي اعجاز خان جي جنازي نماز مردان ۾ ادا ڪئي وئي. ڊي آءِ جي مردان ريجن سليمان خان، ڪمشنر مردان شوڪت خان يوسفزئي ۽ ڊپٽي ڪمشنر فياض شير پاوون سلامي پيش ڪئي. ايس پي اعجاز خان شهيد جي لاش سندس اباڻي علائقي شير پائو منتقل ڪئي وئي آهي. پوليس موجب واقعي کان پوءِ فورسز طرفان انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو ويو جنهن ۾ هاءِ ويليو ٽارگيٽ ڪلر محسن قادر ساٿي سميت مارجي ويو آهي جڏهن ته علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جو سرچ آپريشن جاري آهي.