ڄامشورو( پ ر) الزام ڏيڻ، نااميدي پکيڙڻ، طاقت ۽ پئسي سان پيدا ٿيندڙ رتبي کي سماج ۾ هٿي وٺرائڻ سان اسانجي ملڪ ۾ ناڪاري قدر پکڙيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار انسپيڪٽر جنرل(آئي جي) سنڌ پوليس رفعت مختار مهراڻ يونيورسٽي ۾ شاگردن کي خطاب ڪندي ڪيو. آئي جي سنڌ پوليس چيو ته وچٿري ڪارڪردگي ۽ صلاحِتن وارو شاگرد اعليٰ عهدي ۽ مقام تي هن دور ۾ نٿو پهچي سگهي، جيڪو ٽاپ ڪندو جنهن جو بهترين ڪم هوندو اهو ئي ڪامياب ٿي سگهندو. رفعت مختار چيو ته مون سي ايس ايس جو امتحان رد عمل ۾ اچي ڏنو هو، منهنجا شاگردي جي دور ۾ پوليس سان تمام گهڻا جهيڙا ٿيندا هئا. يونيورسٽي ۾ ڪانووڪيشن جي تقريب ۾ ملڪ جو صدر اچڻو هو اتي ڪجهه نوجوان ايس ايس پي سڪيورٽي انتظامن جو جائزو وٺڻ آيا هئا مون کي انهي ڪانووڪيشن ۾ ميڊل ملڻو هو انهن ايس ايس پيز کي ڏسي خيال آيو ته آئون به انهن وانگر ايس ايس پي ٿيندس ۽ ائين پوليس ۾ اچي ويس. هن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ پنهنجي سماجي رتبي لاءِ ماڻهو آفيسر ٿيندا آهن عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ نه. هن چيو ته جيڪي راڄ ڪرڻ جي خيال يا نفسيات سان آفيسر ٿيندا آهن اهي خدمت ڪيئن ڪري سگهندا. آئي جي سنڌ پوليس چيو ته ننڍي کنڊ مان انگريز ويو هليو انهي جون روايتون ڀارت ۾ نه رهيون آهن پر بدقسمتي سان پاڪستان جي رياستي نظام ۾ اڄ به انگريز جون روايتون هلن ٿيون. اسان جي سماج تي اڄ به انهن روايتن جو اثر آهي. آئي جي شاگردن کي ٻڌايو ته آئون مهراڻ يونيورسٽي جي ٽيڪسٽائل شعبي ۾ گرمي ۽ سردي کان بچڻ ۽ محفوظ رهڻ لاءِ پوليس اهلڪارن جي وردي جو ڪپڙو ٺهرائڻ جي خيال سان آيو هئس پر مون کي توهان سان گفتگو ڪرڻ جو زبردست موقعو مليو آهي. مهراڻ يونيورسٽي جي شاگردن سان مخاطب ٿي ڏاڍي خوشي ٿئي. هن چيو ته ڀارت جا بهترين دماغ آمريڪا ۽ يورپ وڃي پنهنجي ملڪ موٽي ايندا آهن ۽ اسانجي ملڪ جا بهترين دماغ پنهنجي ملڪ ۾ رهڻ نٿا چاهين. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي چيو ته مهراڻ يونيورسٽي مسئلن جي حل لاءِ تحقيق ڪري ٿي، وقتن بوقتن ضرورت جون شيون ٺاهي ٿي جيئن ڪووڊ ۾ ماسڪ تيار ڪيو ۽ ٻوڏ دوران تنبو ۽ خراب پاڻي کي پيئڻ جي پاڻي ۾ بدلائڻ واري پمپنگ مشين ٺاهي. هن چيو ته اسان جو عزم آهي ته تحقيق اها ٿئي جيڪا ملڪ ۽ معاشري جي مسئلن جي حل لاءِ ڪم اچي. تقريب ۾ اسسٽنٽ انسپيڪٽر جنرل سنڌ پوليس خاور اڪبر شيخ، ڊِي آئي جي اسٽيبلشمينٽ سيد پير محمد شاهه، مهراڻ يونيورسٽي جي ڊين فئڪلٽي ڊاڪٽر خانجي هريجن، ڊاڪٽر عبدالستار لاڙڪ ۽ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.