پشاور: (م ڊ ) جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان هٿيار اڇلائڻ نه سکيو آهي. اسان وزارتن جي ڪرسي تي ويهڻ بجاءِ حق جي رستي تي هلنداسين. پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته جي يو آءِ کي زبردستي شڪست ڏني وئي آهي. پهريون آئين 1973ع ۾ ٺهيو جنهن ۾ اسان جي وڏن جون وڏيون خدمتون آهن. 1973ع کان پوءِ هينئر تائين هڪ به قانون اسلامي تعليمات موجب نه آهي. اسان هميشه ملڪ جي ترقي جو سوچو، سموري توانائي ملڪ جي ترقي ۾ خرچ ڪئي آهي. هن چيو ته هي 2018 ۾ به چوندا هئا ته ڌانڌلي ٿي اڄ به چئي رهيا آهن ته ڌانڌلي ٿي. مان ايندڙ ڏينهن ۾ کين ٻڌائيندس سسٽم جي اندر رهڻ وارا پاڻ روئيندا. سموري زندگي چونڊن ۾ حصو وٺي گذاري آهي. منهنجي ڏاڙهي چونڊون وڙهندي اڇي ٿي آهي. هن چيو ته اليڪشن مهم ۾ عوام کي خبر پوندي ته ڪير کٽي رهيو آهي يا ڪير هارائي رهيو آهي.