اسلام آباد: (م ڊ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آصف زرداري صدر چونڊجڻ کان پوءِ سمورن صوبن جا گورنرز پاڻ مقرر ڪندو. في الحال گورنرز جي حوالي سان ڪوبه فيصلو نه ٿي سگهيو آهي. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آصف زرداري کي صدر چونڊرائينداسين، اهو صدر چونڊجڻ کان پوءِ سمورن صوبن جا گورنرز پاڻ مقرر ڪندو في الحال گورنرز جي مقرري جو فيصلو نه ٿي سگهيو آهي. هن چيو ته شهباز شريف جي وزيراعظم بنجڻ جي خلاف سني اتحاد ڪائونسل مون کان ووٽ نه گهريو هو نه ئي انهن مون کي ڪنوينس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اهڙي طرح ته هو اسان لاءِ رستو سڌو ڪري رهيا آهن. سني اتحاد ڪائونسل جي ڪري ئي شهباز شريف وزيراعظم بڻجندو. اسان جيڪڏهن ان جي مخالفت ۾ ووٽ نه ڏنداسين ته اهو وزيراعظم بڻجي ويندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آئين ۾ لکيل آهي ته هر حال ۾ 29 فيبروري تي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻو آهي پر عارف علوي پنهنجا فرض نه پيو نڀائي، انهي جي مٿان آئين توڙڻ جو ڪيس بڻجي ٿو. حڪومت سازي جي عمل تي ان سان ڪوبه فرق نه پوندو. جيڪڏهن صدر آئين تي عمل نه ڪيو ته اسپيڪر انهي تي عمل ڪرائنيدو. هڪ سوال جو جواب ڏيندي بلاول چيو ته پي ٽي آءِ جو مسئلو اهو آهي ته هو پنهنجي غلطي کي نه مڃيندا آهن. هو نه آئين کي نه جمهوريت ۽ نه ئي هن نظام کي مڃين ٿا. اسان کان به غلطيون ٿينديون آهن جنهن کي اسان مڃيندا آهيون. پر سڀني کان وڌيڪ غلطيون جنهن شخص کان ٿيون اهو شخص اڄ اڊيالا جيل ۾ آهي ۽ اهو اڄ به پنهنجي غلطين کي نٿو مڃي. هڪ سوال جو جواب ڏيندي بلاول چيو ته مان پنهنجي چيل ڳالهه تي قائم آهيان جيڪڏهن مان وزيراعظم بڻجيس ته پاڪستان جي سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪندس پر جيڪڏهن مون کي مينڊيٽ نه مليو ته مان ان لاءِ نئين وزيراعظم کان صرف درخواست ئي ڪري سگهان ٿو. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته ادارن کي پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻو پوندو ۽ سياستدانن کي هڪ ٻئي جي عزت ڪرڻي پوندي.