My WordPress Blog

پنجاب جي نئين وڏي وزير جي چونڊ لاءِ پنجاب اسيمبلي جو اجلاس، سني اتحاد ڪائونسل جو بائيڪاٽ

0

لاهور (م ڊ)پنجاب جي نئين وڏي وزير جي چونڊ لاءِ پنجاب اسيمبلي جو اجلاس جاري، نواز ليگ جي نامزد سي ايم مريم نواز ۽ سني اتحاد ڪائونسل جو نامزد وڏو وزير راڻا آفتاب ايوان ۾ موجود، مريم نواز پنهنجي والده ڪلثوم نواز جي تصوير کڻي ايوان ۾ پهتي  سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل پي ٽي آءِ جي حمايت يافته ميمبرز طرفان نعريبازي ڪئي وئي، راڻا آفتاب احمد ايوان ۾ ميمبرز جي اڪثريت جي دعويٰ ڪري ڇڏي راڻا آفتاب چيو آهي ته اسان وٽ ميمبرز جو وڏو انگ موجود آهي، اڄ سڀني کي سرپرائيز ڏينداسين  نواز ليگ جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اڄ پنجاب جي ترقيءَ جو نئون دور شروع ٿيندو، مريم  نواز پنجاب جي سي ايم طور ميان نواز شريف جي روايتن کي اڳتي وڌائيندي

Leave A Reply

Your email address will not be published.