My WordPress Blog

نواز شريف وزيراعظم ٿيو ته حڪومت 5 سال هلندي، ماڻهو عمران سان پيار ڪن ٿا: مخدوم جميل

0

ڪراچي(رپوٽر ) سروري جماعت جي سربراهه  ۽ پ پ ايم اين اي مخدوم جميل الزمان چيو آهي ته نواز شريف کي وزيراعظم ٿيڻ گھرجي، عمران خان سان ماڻهو پيار ڪن ٿا، هوُ پاڻ طئه ڪري ته سڄي عمر جيل ۾ رهندو يا ٻاهر نڪري خدمت ڪندو، احتجاج هر ڪنهن جو حق آهي پر احتجاج اليڪشن ڪميشن وٽ ڪيو وڃي، ميمڻ اتحاد جو سربراهه حاجي عبدالشڪور ميمڻ آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي سربراهه ٿيڻو آهي ته جمهوري طريقي سان ٿئي. مٽياري ۾ پ پ وارن اسان جي مخالفت ڪئي پر پوءِ به کٽي وياسين، مخالفن کي معاف ڪري ڇڏيو آهي ”ٽائيم نيوز“ سان ڳالهائيندي هن چيو ته اليڪشن ۾ ڌانڌلين خلاف احتجاج هر ڪنهن جو حق آهي، جيڪو هارائيندو آهي ته اهو اشتعال ۾ اچي ويندو آهي ته ڌانڌلي ٿي آهي، سلجهيل ماڻهو شڪست کي قبول ڪندو آهي. هن چيو ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته احتجاج ڪنهن خلاف ٿئي پيو؟ کٽيل اميدوار خلاف ٿئي پيو يا  اليڪشن ڪميشن، نگران سرڪار يا طاقتور حلقن خلاف ٿئي پيو؟ اليڪشن ڪرائڻ جي بنيادي ذميواري اليڪشن ڪميشن جي آهي، مناسب آهي ته اليڪشن ڪميشن وٽ احتجاج ڪرڻ گھرجي. هن چيو ته اليڪشن لاءِ 100 سيڪڙو چئي نٿو سگھجي ته شفاف اليڪشن ٿي آهي، اليڪشن ڪميشن پاڻ به شڪ پيدا ڪيا، 2-2 ڏينهن  نتيجا نه آيا. هن چيو ته  عمران خان کي سڄي عمر جيل ۾ رهڻو آهي يا ٻاهر نڪري ڪردار ادا ڪرڻو آهي، اهو عمران خان تي آهي عمران سان ماڻهو پيار ڪن ٿا، عمران خان جيڪڏهن سوچي ته هو پاڪستان لاءِ گھڻو ڪجهه ڪري سگھي ٿو، قومي وهڪري ۾ سندس موجودگي ضروري آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن کي قومي اسيمبلي ۽ عدالت وانگر آزاد ڇڏڻ گھرجي. هن چيو ته پ پ اڃا وزارتون نه وٺندي، عوام کي اهو نه لڳي ته پ پ رڳو اقتدار کپي ٿو. پ پ نوازليگ سرڪار جو ساٿ ڏيندي، اڳتي هلي حڪومت ۾ شامل ٿي سگھي ٿي. مخدوم جميل الزمان چيو ته ايم ڪيو ايم پ پ سان ٺهي ها ته کيس تڪليف نه ٿئي ها، ايم ڪيو ايم کي اڳتي لاءِ سوچڻ گھرجي ته هڪ صوبي ۾ رهون ٿا، پاڙيسرين سان ٺهي هلون. هن چيو ته نواز شريف وزيراعظم هجي ها ته حڪومت 5 سال پورا ڪري ها نواز شريف جي پاليسي گڏ وٺي هلڻ واري پاليسي آهي، نوازشريف کي وزيراعظم هجڻ گھرجي، شهباز شريف سٺو ايڊمنسٽريٽر آهي، هن لاهور ۾ ڪم ڪرايا. هن چيو ته بلاول ڀٽو واضح ڪيو آهي ته سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏيارينداسين. مالي معاملا ننڍن صوبن لاءِ ضروري آهي، وزيراعظم کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پ پ سنڌ جي گورنرشپ پاڻ ڇڏي ته ڀلي ايم ڪيو ايم به راضي ٿئي، جيڪڏهن ميان صاحب سياستدان آهي ته گورنر شپ ايم ڪيو ايم کي ڏيندو، جيڪڏهن ميان صاحب ميان صاحب آهي ته پوءِ ڪنهن کي به گورنرشپ ڏئي سگھي ٿو هن چيو ته جيڪڏهن هارايل لکين ماڻهو ٻاهر ڪڍي احتجاج ڪري سگھن ٿا ته اسان کٽي آيل ڪروڙين ماڻهو ٻاهر آڻي سگھون ٿا. هن چيو ته مٽياري هميشه کان وٺي ٽارگيٽ تي رهيو آهي، ايم آرڊي جو بنياد هالا ۾ پيو، ان لاءِ مٽياري اڻوڻندڙ ضلعو رهيو آهي، مٽياري جي اسپتالن جي خراب صورتحال آهي، وزير صحت کي مٽياري جي اسپتالن مان علاج ڪرائڻ گھرجي، شايد انهي بهاني اسپتالن جي حالت سڌري، هڪ ايم اين اي سڀ ڪجهه نٿو ڪري سگھي هن چيو ته سروري جماعت وارا پ پ کي ووٽ ڪن ٿا، آئون جماعت کي منظم ڪرڻ چاهيان ٿو، رولز تحت سروري جماعت جو سياست سان تعلق نه هجڻ گھرجي پر آئون چاهيان ٿو ته سروري جماعت سرگرم ٿئي، هن چيو ته   سردار شاهه جي مقابلي ۾ بيٺل  علي مراد راڄڙ کي اليڪشن ۾ نه بيهڻ جي صلاح ڏني هئي پر هو بيهي رهيو، هن چيو ته مٽياري ۾ پ پ سينيٽر ۽ پ پ اڳواڻن اسان جي مخالفت ڪئي پر اسان کٽي وياسين، پارٽي ڊسپلين جي خلاف ورزي تي پارٽي سندن احتساب ڪندي پر اهي پاڻ به پنهنجو احتساب ڪن، مون مخالفت ڪندڙن کي معاف ڪري ڇڏيو آهي

Leave A Reply

Your email address will not be published.