اسلام آباد: (م ڊ ) اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. جهلم ۾ تعميراتي منصوبن ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ فواد چوڌري جي گرفتاري کانپوءِ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي. احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. وڪيل عامر عباس چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس هلي رهيو آهي، مصروف ڏينهن آهي، نيب پراسيڪيوٽر فواد چوڌري کي هاڻي ضمانت واري درخواست تي دليل ڏيڻ گهرجن. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته فواد چوڌري خلاف ڪيس انڪوائري جي مرحلي ۾ آهي، ريفرنس اڃا ڊسچارج ناهي ٿيو، جاچ آفيسر کان ريفرنس جو رڪارڊ طلب ڪيو ويو آهي، اهو هلي رهيو آهي.