My WordPress Blog

صدر جي انڪار تي قومي اسيمبلي اجلاس 29 فيبروري تي گهرائڻ جو فيصلو

0

اسلام آباد: (م ڊ ) اسپيڪر راجا پرويز اشرف قومي اسيمبلي جو اجلاس 29 فيبروري تي طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. ذريعن موجب قومي اسيمبلي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي سربراهي ۾ هنگامي اجلاس ۾ قومي اسيمبلي اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. قومي اسيمبلي اجلاس 29 فيبروري تي طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اجلاس آئين جي آرٽيڪل 91 جي شق 2 تحت گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي اسيمبلي اسپيڪر اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي آفيسرن ۽ آئيني ماهرن سان مشاورت ڪئي، اجلاس ۾ صدر طرفان سمري تي صحيح نه ڪرڻ سان پيدا ٿيندڙ صورتحال جو جائزو ورتو ويو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پارلياماني معاملن واري وزارت، قانون ۽ انصاف واري وزارت سان به مشاورت ڪئي. هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر عارف علوي قومي اسيمبلي اجلاس گهرائڻ جي سمري رد ڪري واپس موڪلي ڇڏي آهي. ذريعن موجب صدر عارف علوي جو موقف آهي ته اڳ ۾ عورتن ۽ اقليتن جي سيٽن کي مڪمل ڪيو وڃي. ياد رهي ته آرٽيڪل 91 جي قلم 2 تحت چونڊن کانپوءِ 21 ڏينهن ۾ اجلاس گهرائڻ لازمي آهي ۽ 29 فيبروري تي ئي مدو پورو ٿي رهيو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.