ڪراچي: (م ڊ) پ پ اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته هن وقت ملڪ ۾ استحڪام جي ضرورت آهي، سڀني کي گڏ کڻي هلڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته جيڪي اسيمبلي ۾ آهن ۽ جيڪي ناهن، انهن کي به گڏ کڻي هلڻو پوندو، اهڙي سياست کان پاسو ڪرڻ گهرجي جنهن سان انارڪي پکڙجي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته هن وقت تائين قومي اسيمبلي جو اجلاس ناهي گهرايو ويو، صدر عارف علوي غيرقانوني طور تي اجلاس ۾ دير ڪري رهيو آهي، پيپلزپارٽي ڪنهن کي به ملڪ کي نقصان پهچائڻ نه ڏيندي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ملڪ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ نئين سوچ ڏني آهي، پ پ خلاف اتحاد ٺهيو، سڀني گڏجي اسان جو مقابلو ڪيو، هاڻي اهي پارٽيون پاڻ ۾ هڪ پيج تي نه آهن. پ پ اڳواڻ چيو ته ايم ڪيو ايم سان سنڌ ۾ حڪومت سازي وارو سوال وقت کان اڳ آهي، ايندڙ مهيني صدر عارف علوي گهر وڃي وري پي ٽي آءِ جي مهم هلائيندو. شرجيل انعام ميمڻ موجب شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ خاص هدايتون جاري ڪنداسين.