ڪراچي: (م ڊ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جو اويس قادر شاهه سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊجي ويو جنهن کان پوءِ هن عهدي جو حلف کڻي ورتو. اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس 19 منٽ دير سان شروع ٿيو، اسپيڪر سمورن ميمبرن کي چونڊ جو طريقو ٻڌايو. اسپيڪر جي چونڊ لاءِ گڏيل طور تي 147 ووٽ ڪاسٽ ٿيا، اويس قادر شاهه 111 ووٽ حاصل ڪيا جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي صوفيه شاهه 36 ووٽ حاصل ڪيا. اويس قادر شاهه حلف کڻڻ لاءِ اٿيو ته ايوان ۾ ڀٽو زنده آباد جا نعرا لڳڻ شروع ٿي ويا. جنهن کان پوءِ هن سنڌي زبان ۾ حلف کنيو. سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني اويس قادر شاهه کان حلف ورتو. اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ڳجهي راءِ شماري ذريعي ٿئي، سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن ووٽ جي عمل جو بائيڪاٽ ڪيو. ووٽنگ جو عمل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ڳڻپ شروع ڪئي وئي جنهن کان پوءِ اسپيڪر آغا سراج دراني نتيجن جو اعلان ڪندي ٻڌايو ته سيد اويس قادر شاهه 111 ووٽ کڻي اسپيڪر چونڊجي ويو آهي. جنهن کان پوءِ آغا سراج دراني سيد اويس قادر شاهه کان عهدي جو حلف ورتو جنهن کان هن پنهنجون ذميواريون سنڀالي ورتيون. ياد رهي ته پيپلز پارٽي طرفان اسپيڪر لاءِ سيد اويس شاهه ۽ ايم ڪيو ايم طرفان اسپيڪر لاءِ صوفيه سعيد شاهه کي نامزد ڪيو ويو هو.