اسلام آباد: (م ڊ ) اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان تازو چونڊن ۾ سمورين سيٽن تي شڪست ملڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو کُلي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. هڪ گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چوڌري نثار چيو ته گذريل ڀيري ايم اين اي چونڊجي نه سگهيس، ڇو ته مون پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ هاڻ(ن) ليگ ۾ شامل نه ٿيڻ جي مون کي سزا ڏني وئي آهي پر مان ڪنهن جو به غلام نه آهيان مون هميشه ڪنڌ کڻي عزت جي سياست ڪئي آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ سخت خطرا آهن، هن وقت ملڪ جي صورتحال تمام گهڻي خراب ٿي چڪي آهي جنهن جو اسان سوچي به نٿا سگهون. هي ملڪ آهي ته اسان سڀ آهيون. چوڌري نثار چيو ته عام چونڊن ۾ جنهن به ڌانڌلي ڪئي انهن کي قيامت جي ڏينهن الله جي سامهون ان جو جواب ڏيڻو پوندو. پر کين دنيا ۾ به انهي جو حساب ڏيڻو پوندو. چوڌري نثار وڌيڪ چيو ته آخري ساهه تائين مقابلو ڪندس، مون شهباز شريف کي ڪيترائي ڀيرا چيو ته اهو آصف زرداري جي خلاف سخت زبان استعمال نه ڪري، شهباز شريف آصف زرداري کي روڊن تي گهلڻ جون ڳالهيون ڪندو هو پر اڄ اهو ئي ماڻهو کيس صدر بڻائي رهيو آهي. شڪر آهي مان ۽ اوهان انهي گناهه ۾ شامل نه آهيون هي حڪومت ڪيترا ڏينهن هلندي ان جي باري ۾ اڳڪٿي نٿو ڪري سگهان. هن چيو ته راولپنڊي جي ڪمشنر جو ته ضمير جاڳي ويو انشاءَالله ٻين جو به ضمير تمام جلد جاڳندو.