My WordPress Blog

موسميات کاتي اڄ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

0

اسلام آباد: (م ڊ ) موسميات کاتي ملڪ ۾ تيز هوائن ۽ کنوڻ سان برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. موسميات کاتي موجب سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ موسم جهڙالو رهندو، ڪجهه هنڌن تي تيز هوائون لڳڻ جو امڪان آهي، ان سان گڏ ڪجهه شهرن ۾ برسات جا امڪان به ظاهر ڪيا ويا آهن.  اسلام آباد ۽ ڀرپاسي ۾ آچر تي موسم ٿڌو ۽ جهڙالو رهندو. پر رات جو تيز هوائن ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. خيبرپختونخواهه جي مختلف ضلعن ۾ به موسم جهڙالو رهڻ کان علاوه رات جو چترال، دير، سوات، شانگله، ڪوهستان، بونير، مانسهره، ايبٽ آباد، هري پور، صوابي، مردان، چارسده، نوشهره، پشاور، مهمند باجوڙ، خيبر، ڪرم، ڪوهاٽ، بنون ۽ وزيرستان ۾ تيز هوائن ۽ کنوڻ سان برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي. پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ آچر تي موسم خشڪ رهندو جڏهن ته شام جو پوٽهوهار، ميانوالي، اٽڪ، خوشاب، سرگودها، مري، گليات ۽ ڀرپاسي ۾ تيز هوائن ۽ کنوڻ سان هلڪي برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ موسم جهڙالو رهڻ کان علاوه چاغي، نوشڪي، خاران، پنجگور، گوادر، آواران، خضدار، قلات، تربت، واشڪ، ڪيچ، ڪوئٽه، زيارت، چمن، پشين، قلعه عبدالله، قلعه سيف الله، زوب، شيراني بارکهان، موسيٰ خيل، مڪران ۽ ڪوهلو ۾ تيز هوائن ۽ کنوڻ سان برسات ۽ جابلو علائقن ۾ برفباري جو امڪان آهي. ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ موسم وڌيڪ ٿڌو ۽ جهڙالو رهڻ کان علاوه ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ کنوڻ سان گڏ برفباري پئجي سگهي ٿي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.