حيدرآباد:(پ_ر) عورت آزادي مارچ جي موبلائيزيشن جي سلسلي ۾ اڄ وومين ايڪشن فورم جي وفد ۽ ايڇ آر سي پي جي ريجنل ڪو آرڊينيٽر غفرانہ آرائين، ھاري ڪئمپ ۽ سڪندر آباد جي ڪئمپ جو دورو ڪري اتي رھندڙ ھارين، مزدورن، مردن توڙي عورتن کي عورت آزادي مارچ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي .ڊاڪٽر حسين مسرت عورتن سان ڳالهيون ڪندي عورتن لاء ٿيندڙ قانون سازي بابت آگاھي ڏني جڏهن ته عورتن جي صحت ۽ تعليم جي اھميت بابت پڻ ٻڌايو ان سان گڏوگڏ عورتن جي معاشي پاڻ ڀرائي بابت پڻ ويچار ونڊيا ۽ ٽرانسپورٽ جي سھولت جي اھميت بابت پڻ ڳالھايو غفرانہ آرائين ڳالهيون ڪندي ايچ آر سي پي پاران عورت آزادي مارچ ۾ شرڪت لاء عورتن کي ٽرانسپورٽ جي سھولت ڏيڻ بابت ٻڌايو .نجمہ پنھور ڇوڪرين جي تعليم بابت ڳالھايو. ھنن ڪئمپن ۾ رھندڙ عورتن پنھنجن مسئلن بابت ڳالھائيندي پاڻي، بجلي، گئس جي کوٽ جي شڪايت ڪئي .عورتن اھو پڻ ٻڌايو تہ سخت پورھئي جي باوجود پنھنجن ٻارن کي تعليم ڏياري نٿيون سگھن ۽ ٽرامسپورٽ جي سھولت نہ ھجڻ بابت ٻڌائيندي چيو تہ ڪئمپن جي ڪا بہ رجسٽريشن نہ ھجڻ جي ڪري ھتي ڪا بہ مستقل .بنيادي سھولت موجود نہ آھي دوري دوران سڀني عورتن آزادي مارچ ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻ جو يقين ڏياريو. ھن دوري ۾ ڊاڪٽر حسين مسرت،نجمہ پنھور ۽ غفرانہ آرائين شرڪت ڪئي .