اسلام آباد: (م ڊ ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شازيه مري ۽ نفيسه شاهه قومي اسيمبلي جي مخصوص سيٽن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. شازيه مري ۽ نفيسه شاهه عام چونڊون کٽڻ کان پوءِ قومي اسيمبلي جي مخصوص سيٽن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيو آهي. سيده نفيسه شاهه تڪ اين اي 202 خيرپور تان ڪامياب ٿي جڏهن ته شازيه مري اين اي 209 سانگهڙ تان ڪاميابي ماڻي آهي. نفيسه شاهه سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد غوث علي شاهه کي شڪست ڏني جڏهن ته شازيه عطا مري گرينڊ ڊيمو ڪريٽڪ الائنس(جي ڊي اي) جي محمد خان جوڻيجو کي شڪست ڏني. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شرميلا فاروقي ۽ سحر ڪامران مخصوص سيٽ تي قومي اسيمبلي جون ميمبر چونڊجي ويون آهن. ٻئي طرف اليڪشن ڪميشن پنجاب اسيمبلي جي سيٽ پي پي 297 تان آزاد اميدوار خضر حسين مزاري جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي.