My WordPress Blog

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس: اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ جو عمل جاري

0

ڪراچي: (م ڊ ) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ لاءِ اجلاس جاري آهي، ووٽنگ جو عمل شروع ٿي ويو آهي.اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل ٿيندڙ 9 آزاد ميمبرن ۽ جماعت اسلامي جي ميمبر محمد فاروق حلف کڻي ورتو. پيپلز پارٽي جي نامزد وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته اڄ اسيمبلي ۾ حلف کڻندڙ ميمبرن جي آجيان ڪريان ٿو. سنڌ جي عوام جي خدمت جو سلسلو جاري رکنداسين. اجلاس جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ٿي جنهن کان پوءِ اسپيڪر آغا سراج دراني نئين اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي لاءِ پينل آف اجلاس کي نامزد ڪيو. آغا سراج دراني شرجيل ميمڻ، سعيد غني، ندا کهوڙو ۽ علي خورشيدي کي پينل آف اجلاس نامزد ڪيو. سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ جو عمل ڳجهي راءِ شماري ذريعي ٿي رهيو آهي جنهن جي باقاعده شروعات ٿي چڪي آهي. ياد رهي ته اسپيڪر لاءِ پيپلز پارٽي جي اويس قادر ۽ شاهه ڊپٽي اسپيڪر نويد انتهوني جا نامزدگي ڪاغذ صحيح قرار ڏنا ويا جڏهن ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي نامزد ڪيل اسپيڪر جي اميدوار صوفيه سعيد شاهه ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ راشد خان جا نامزدگي ڪاغذ به صحيح قرار ڏنا ويا. گذريل ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي 147 ميمبرن حلف کنيو هو. جڏهن ته اڄ 10 ميمبرن حلف کنيو جنهن کان پوءِ 168 جي ايوان ۾ حلف کڻندڙ ميمبرن جو انگ 157 ٿي ويو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.