My WordPress Blog

ذاتي مفاد لاءِ پ پ جمهوريت کي ڪڏهن به نقصان نه پهچائيندي: مراد علي شاهه

0

ڪراچي: (م ڊ ) سنڌ جي نامزد وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ذاتي مفاد لاءِ پيپلز پارٽي جمهوريت کي ڪڏهن به نقصان نه پهچائيندي. سنڌ جي نامزد وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. آغا سراج دراني 10 سال سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر رهيو، گذريل پنج سال نه صرف هن اسيمبلي لاءِ پر ملڪ جي لاءِ به ڏکيا هئا، آغا سراج دراني کي جيل ۾ وڌو ويو پر هن پنهنجا فرض ادا ڪيا. مراد علي شاهه چيو ته آغا سراج دراني جو والد به اسپيڪر هو، هي پاڻ به اسپيڪر رهيو. اسان کي يقين آهي ته نوان چونڊيل اسپيڪر سينئرز کان سکندا. ڊپٽي اسپيڪر انٿوني به جيالو آهي اميد آهي ته سٺو ڪردار اد اڪندو، پاڪستان ٺاهڻ واري هي اسيمبلي آهي، سڀني کي خبر هجڻ گهرجي ته سنڌ پاڪستان آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.