My WordPress Blog

آصفه ڀٽو جو پارلياماني سياست ۾ اچڻ جو فيصلو: اين اي 196 شهدادڪوٽ مان ضمني اليڪشن ۾ حصو وٺندي

0

اسلام آباد: (م ڊ ) آصف زرداري ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي ڌيءَ آصفه ڀٽو پارلياماني سياست ۾ قدم رکڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته اين اي 196 شهدادڪوٽ تي بلاول ڀٽو زرداري تازو  ٿيندڙ عام چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي پر هاڻ اها سيٽ آصفه ڀٽو لاءِ خالي ڪندو. اتان کان آصفه ڀٽو ضمني اليڪشن ۾ حصو وٺندي. ياد رهي ته ماضي ۾ بينظير ڀٽو به ساڳئي سيٽ تي چونڊن ۾ حصو وٺي چڪي آهي. تازو ئي عام چونڊن ۾ آصفه ڀٽو پنهنجي ڀاءُ بلاول ڀٽو جي چونڊ ۾ حصو وٺي عملي سياست جي شروعات ته ڪري چڪي آهي پر ضمني چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ کان پوءِ اها پارلياماني سياست ۾ به حصو وٺڻ جي باقاعده شروعات ڪري سگهي ٿي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.