راولپنڊي (م ڊ ) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته ڪنهن کي سياسي سرگرمي جي نالي تي تشدد جي اجازت نه ڏني ويندي، فوج آئيني مينڊيٽ ۽ اليڪشن ڪميشن جي هدايتن موجب فرض انجام ڏيندي.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي صدارت هيٺ 262هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن جي مدد لاءِ فوج جي مقرري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.فورم ان عزم جو اظهار ڪيو ته ڪنهن کي سياسي سرگرمي جي نالي تي تشدد، آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊ عمل ۾ رنڊڪ وجهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.ڪانفرنس ۾ چيو ويو ته فوج آئيني مينڊيٽ ۽ اليڪشن ڪميشن جي هدايتن موجب فرض انجام ڏيندي.فورم اتفاق ڪيو ته ڀارت جي عالمي قانونن جي کليل نموني ڀڃڪڙي ۽ ان جو اصل چهرو به دنيا سامهون وائکو ڪيو ويندو.