ڪراچي (رپوٽر) پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني قوم کي غلط رستي تي وٺي ويو.ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته سياست ۾ مخالفت ٿيندي آهي دشمني نه ٿيڻ گهرجي، پي ٽي آءِ ڪنهن اداري کي نه ڇڏيو.هن چيو ته اڄ پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهرواري کي سزا ٻڌائي وئي، هنن توشا خانا جا تحفا کپايا، اڍائي ارب رپين جي گهڙي جا 90 لک رپيا ڏنا ويا.سندس چوڻ هو ته توشا خانا ۾ وڪيل کي هر هر تبديل ڪيو ويو، ڪوڙ ڳالهايو ويو ته تحفا کپائي روڊ ٺاهيو ويو، ڪوڙ ڳالهايو ويو ته گهڙي اسلام آباد ۾ کپائي.شرجيل ميمڻ چيو ته جعلي مني ٽريل ٺاهڻ جي به ڪوشش ڪئي وئي، پي ٽي آءِ باني گهڙي جي انڊرانوائس ڪرائي، هو سدائين ڪوڙ ڳالهائيندو رهيو.اڳوڻي صوبائي وزير چيو ته پ پ ڪنهن جي سزا تي خوش ناهي ٿيندي، اسان جي ليڊر شپ جيل ڪاٽيا آهن.