لاهور: (م ڊ ) لاهور هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ پرويز الاهي کي چونڊ نشان مور ڏيڻ جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پرويز الاهي طرفان چونڊ نشان مور ڏيڻ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي هئي. جسٽس شاهد بلال حسن درخواست تي دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ محفوظ فيصلو ٻڌائيندي پرويز الاهي کي چونڊ نشان مور ڏيڻ جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو. عدالت پرويز الاهي کي گڏهه گاڏي جو نشان الاٽ ڪرڻ جو فيصلو برقرار رکيو.