اسلام آباد: (م ڊ ) نيپرا عوام تي هڪ ڀيرو ٻيهر بجلي بم ڪيرائي ڇڏيو، اٿارٽي بجلي جي قيمت ۾ 5.62 رپيا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏني آهي. اگهه ۾ واڌ جي درخواست تي ٻڌڻي نيپرا چيئرمين وسيم مختار جي سربراهي ۾ ٿي، جنهن ۾ ڊسمبر جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ تي ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ بجلي 5.62 رپيا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي شروعاتي منظوري ڏني وئي. اگهن ۾ تازي واڌ سان صارفين تي 49 ارب رپين جو واڌو بار پوندو، نيپرا موجب انگن اکرن جو جائزو وٺي تفصيلي فيصلو پوءِ جاري ڪيو ويندو.