لاهور: (م ڊ ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت فواد چوڌري کي اشتهاري قرار ڏيڻ جو حڪم ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو ۽ حڪم جاري ڪيو ته فواد چوڌري تي سڀني ڪيسن ۾ گڏ گرفتاري وڌي وڃي. لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت فواد چوڌري کي اشتهاري قرار ڏيڻ جو حڪم ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو ۽ سڀني ڪيسن ۾ سندس گرفتاري گڏ وجهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. فواد چوڌري سڀني ڪيسن ۾ گڏ گرفتاري وجهڻ جي درخواست ڪئي هئي، جنهن تي عدالت حڪم ڏنو ته سڀني ڪيسن ۾ فواد چوڌري جي گڏ گرفتاري وڌي وڃي. اي ٽي سي 9 مئي جي جي آءِ ٽي سربراهه کي سڀني ڪيسن جا تفصيل فراهم ڪرڻ جو جو به حڪم ڏنو. فواد چوڌري جي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته پوليس مٿس 9 مئي کانپوءِ مختلف ڪيس داخل آهن، هڪ ڪيس مان ضمانت تي ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويندو آهي. فواد چوڌري عدالت کي اپيل ڪئي هئي ته 9 ۽ 10 مئي ڪيسن جا تفصيل فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي ۽ سڀني ڪيسن ۾ گڏ گرفتاري وجهڻ جو حڪم ڏنو وڃي.