My WordPress Blog

حماد اظهر چونڊن تان هٿ کڻي ويو

0

اسلام آباد: (م ڊ ) تحريڪ انصاف اڳواڻ حماد اظهر چونڊن تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف اپيل واپس وٺي ڇڏي. سپريم ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر جي نامزدگي ڪاغذن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، حماد اظهر سپريم ڪورٽ کان اپيل واپس وٺي ڇڏي ۽ چونڊن تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪيو. وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته هو حماد اظهر جي پيروي نٿو ڪرڻ چاهي، جنهن تي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ 62 ون ايف جو حوالو ڇو ڏنو؟ فيصلو واضح آهي ته آرٽيڪل 62 ون ايف پاڻمرادو لاڳو ناهي ٿيندو. وڪيل چيو اشتهاري جي اهليت جي حوالي سان توهان جو فيصلو به اچي چڪو آهي ته جسٽس منصور علي شاهه ريمارڪس ڏنا اپيل واپس وٺڻ سبب حماد اظهر کي فيصلي جو فائدو نه ٿيندو. جسٽس جمال مندوخيل چيو لڳي ٿو ته حماد اظهر سرينڊر نٿو ڪرڻ چاهي، جنهن تي وڪيل چيو ته سرينڊر ڪرڻ ۾ ڪو حرج ناهي. ياد رهي ته حماد اظهر اين اي 129 تان آزاد اميدوار هو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.