My WordPress Blog

تحريڪ انصاف هڪ هفتي ۾ ٻيهر انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو

0

اسلام آباد: (م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. تحريڪ انصاف جي جنرل باڊي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ انٽرا پارٽي چونڊن جي قرارداد منظور ڪئي وئي. قرارداد پاس ٿيڻ کان پوءِ 7 ڏينهن جي اندر چونڊون ڪرايون وينديون. چونڊ فيڊرل اليڪشن ڪميشن جي هدايتن موجب اسلام آباد، ڪراچي، لاهور سميت ڊيجيٽلي به ڪرائي سگهجن ٿيون. اجلاس ۾ رئوف حسن کي گڏيل طور تي تحريڪ انصاف جو چيف اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪيو ويو انٽرا پارٽي چونڊن جي فيصلي تائين عمر ايوب پارٽي جو چيف آرگنائيزر هوندو. 31 جنوري 2024 تائين پاڪستان تحريڪ انصاف جي رابطه ايپ تي رجسٽرڊ ميمبر ئي چونڊ وڙهڻ ۽ ووٽ وجهڻ جي لاءِ اهل هوندا. پي ٽي آءِ طرفان عام چونڊن جي لاءِ نامزد ڪيل اميدوار آزاد نه سمجهيا ويندا پر چونڊن کان پوءِ به پي ٽي آءِ جو ئي حصو هوندا.قرارداد ۾ اهو به چيو ويو آهي ته عمران خان پي ٽي آءِ جو باني آهي ۽ هميشه اسان جو اڳواڻ ئي رهندو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.