My WordPress Blog

ايتري ڪرپشن ڪنهن وزيراعظم نه ڪئي جيتري عمران خان ڪئي: نوازليگ ترجمان

0

لاهور: (م ڊ )  مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻن توشه خانه ڪيس جي فيصلي تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته عمران خان ڪرپشن جو سمورو نظام چٽو ڪيو، هن ايتري رڪارڊ ڪرپشن ڪئي جيڪا ڪنهن به وزيراعظم اڄ تائين نه ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ مريم اورنگزيب پي ٽي آءِ تي تنقيد ڪندي چيو ته اوهان سمجهندا هئا ته جيڪا اوهان چور بازاري گرم ڪري رکي هئي اهو سڀ ڪجهه معاف ڪيو ويندو. چور هميشه گوڙ ڪندو آهي. سوچيل سمجهيل منظم سازش ڪري هن ملڪ کي ڦريو ويو. ان جي مقابلي ۾ شهباز شريف هڪ هڪ روپيو امانت سمجهي استعمال ڪيو. اهوئي نظام هو اهائي بيورو ڪريسي هئي پر مٿان چور نه هو. هڪ روپئي جي به ڪرپشن ثابت نه ٿي آهي. ٻئي طرف لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ليگي اڳواڻ عطا تارڙ چيو ته ملڪ ۾ رياست مدينه جي نالي تي ڪرپشن ۽ بدعنواني ڪئي وئي. اڄ پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي کي 14-14 سال جي سزا ٻڌائي وئي آهي. پي ٽي آءِ باني تحفا بليڪ مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪيا، ايتري ڪرپشن ڪنهن به وزيراعظم نه ڪئي جيتري پي ٽي آءِ جي باني ڪئي. هن چيو ته جيترا به تحفا ايندا هئا انهن کي ٽڪي جي برابر سرڪاري ڪاغذن ۾ وڪرو ڪيو ويندو هو. انهن تحفن جي اربين روپين جي اصل قيمت ٻئي ڪنهن هنڌان وصول ڪئي ويندي هئي. سعودي بادشاهه جي ڏنل گهڙي کي به بليڪ مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪيو ويو خانه ڪعبه جي ماڊل واري گهڙي بازار ۾ خريد نٿي ڪري سگهجي. اوهان جعلساز ۽ ڪرپٽ شخص جي طور تي سامهون آيا آهيو. عطا تارڙ وڌيڪ چيو ته عمران خان ڪرپشن جو هڪ نظام ظاهر ڪيو، پنهنجن اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو، اهي تحفا وڪرو جي لاءِ نه هوندا آهن. سرڪار چاهي ته اوهان انهن جي ڪجهه قيمت ڏئي خريد ڪري سگهو ٿا اها ناياب گهڙي هئي ان تي هيرا لڳل هئا، اسلام آباد جي هڪ گهڙين جي دڪان مان جعلي رسيدون ٺهرايون ۽ اسان کي چون ٿا ته رسيدون ڏيو، اهو قبضه گروپ هو. عليمه خان ۽ عظميٰ خان زمينن تي قبضا ڪرائڻ لاءِ گهمندا رهندا هئا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.