اسلام آباد: (م ڊ ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال کي ڏسندي سڀاڻي اهم اجلاس طلب ڪري ورتو. اليڪشن ڪميشن ترجمان موجب اجلاس سڀاڻي منجهند 3 وڳي ٿيندو، جنهن ۾ نگران وفاقي گهرو وزير، گهرو سيڪريٽري، ٻنهي صوبن جا چيف سيڪريٽري شريڪ ٿيندا. ترجمان ٻڌايو ته ٻنهي صوبن جا آءِ جيز ۽ انٽيليجنس ايجنسين جا نمائندا به اجلاس ۾ شرڪت ڪندا.