نئين دهلي (م ڊ ) ڀارتي فوج آفيسرن جي خراب ٿيندڙ جسماني معيار ۽ لائيف اسٽائل سبب بيمارين ۾ واڌ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي فوجين جي خراب ٿيندڙ جسماني حالت کي منهن ڏيڻ لاءِ نئين پاليسي لاڳو ڪئي آهي.نئين پاليسي سان جسماني چستي جي سڃاڻپ جي موجوده نظام ۾ سخت قدم کنيا ويا آهن ۽ واڌو ٽيسٽ متعارف ڪرائي وئي آهي.ڀارتي فوج ل اءِ جسماني فٽنيس جي نئين پاليسي جو هڪ اهم پاسو اهو آهي ته ان ۾ باقاعده ٽن مهينن ۾ ٽيسٽون ورتيون وينديون.آفيسرن کي هاڻي ساليانو 10 ڪلوميٽر جي رفتار سان مارچ ۽ 32 ڪلوميٽر جي روٽ تي ڏکيو مارچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.جسماني مهارت جي امتحان ۾ مختلف مشقون شامل آهن، جن ۾ 2.4 ڪلوميٽر رن، پنج ميٽر شٽل رن، پش اپس، چن اپ، سيٽ اپ ۽ 100 ميٽر اسپرنٽ شامل آهن.ان کانسواءِ جسماني صلاحيتن جو وڌيڪ جائزو وٺڻ لاءِ ساليانو 50 ميٽر ترڻ جي مهارت جي ٽيسٽ ورتي ويندي.ان کانسواءِ ٻيون به ٽيسٽون ڪيون وينديون ۽ ٿلهن وزن وارن کي مهيني جو وقت ڏنو ويندو ته اهي وزن گهٽ ڪن.جيڪي ماڻهو فٽنس ۾ ڪا به بهتري نه ڏيکاريندا انهن کي هندستاني فوج جي ضابطن يعني آرمي ريگيوليشن 15 ۽ آرمي ايڪٽ 22 تحت ڪارروائي کي منهن ڏيڻو پوندو.