My WordPress Blog

عمران خان سائفر ڪيس جي ڪارروائي ۽ سرڪاري وڪيل جي مقرري کي چيلينج ڪري ڇڏيو

0

اسلام آباد: (م ڊ ) پي ٽي آءِ باني سائفر ڪيس جي ڪارروائي ۽ سرڪاري وڪيل صفائي جي مقرري کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ باني طرفان سائفر ڪيس جي ڪارروائي خلاف درخواست داخل ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سائفر ڪيس ۾ عدالت جو 26 جنوري جو حڪم ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. سرڪاري وڪيلن جي مقرري کان پوءِ ڪيل ڪارروائي کي به ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر به چيف جسٽس کان درخواست جي جلد ٻڌڻي جي استدعا به ڪئي. پي ٽي آءِ وڪيل حامد خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان سائفر ٽرائيل ڪالعدم قرار ڏيڻ کان پوءِ هينئر تائين جون سموريون ڪارروايون غيرقانوني آهن. ياد رهي ته پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود قريشي جي خلاف سائفر ڪيس حتمي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.