ڪراچي: (م ڊ ) موسميات کاتي سڀاڻي کان ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اولهه هوائن جو سلسلو ملڪ تي اثرانداز ٿي رهيو آهي جيڪو 4 فيبروري تائين جاري رهندو. 31 جنوري کان 4 فيبروري تائين خيبرپختونخوا جي مختلف ضلعن ۾ برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي، اسلام آباد، پوٽوهار، مري ۽ گليات ۾ به برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 2 کان 3 فيبروري تائين تيز برسات پوندي، بلوچستان جي ڍنڍن ڍورن ۾ چاڙهه جو خطرو آهي، 31 جنوري کان پهرين فيبروري دوران ڪاغان، سوات، ڪوهستان، اسڪردو، ايبٽ آباد ۽ نيلم ماٿري ۾ برسات ۽ برفباري سان رستا بند ٿيڻ جو خدشو آهي. موسميات کاتي طرفان برسات ۽ برفباري دوران سياحن کي محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. موسميات کاتي موجب برسات پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي مٿانهن علائقن ۾ فصلن لاءِ فائديمند ٿيندي، برسات سبب ڪوهيڙ ۾ گهٽتائي ٿيندي.