My WordPress Blog

اشتهاري کي چونڊ وڙهڻ کان نٿو روڪي سگهجي: سپريم ڪورٽ

0

اسلام آباد (م ڊ ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان قرار ڏنو آهي ته اشتهاري کي چونڊ وڙهڻ کان نٿو روڪي سگهجي.سپريم ڪورٽ طاهر صادق جي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري جو لکت فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي هئي.سپريم ڪورٽ لکت فيصلي ۾ قرار ڏنو ته اشتهاري کي چونڊ وڙهڻ کان نٿو روڪي سگهجي، اشتهاري هجڻ جو واسطو جوابدار جي لاڳاپيل ڪيس جي حد تائين هوندو آهي، تنهن ڪري اشتهاري هجڻ جو واسطو جوابدار جي ڪنهن ٻئي ڪيس يا معاملي سان نٿو جوڙي سگهجي.سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ چيو آهي ته جمهوري نظام ۾ عوام ووٽ ذريعي پنهنجي نمائندن تي ٻڌل حڪومت ٺاهيندو آهي، آئين ۾ اهڙي ڪا پابندي ناهي ته اشتهاري يا مفرور کي چونڊ وڙهڻ کان روڪي سگهجي.فيصلي جي متن موجب چونڊن ۾ رڳو اميدوارن جا نه پر عوام جا حق به شامل هوندا آهن، عدالتون بنيادي حقن ۽ جمهوريت جون محافظ آهن، عدالتن کي چونڊ معاملي تي ان نظر سان مداخلت ڪرڻ گهرجي ته جمهوري اصول جي بالادستي رهي.فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جمهوري معاشري جو روح پنهنجي پسند جي اميدوار کي آزادي سان ووٽ ڏيڻ آهي، عوام جي راءِ تي سوديبازي نٿي ڪري سگهجي، چونڊ عمل ۽ ووٽنگ ذريعي ئي عوام جمهوري عمل ۾ شريڪ ٿيندو آهي، چونڊ عمل ۾ آزادي سان شرڪت ڪنهن به معاشري ۾ سڀ کان وڏو بنيادي حق آهي.فيصلي جي متن موجب اميدوارن جي اهليت ۽ نااهلي جو معيار چونڊ عمل کي اثرائتو بڻائڻ لاءِ آهي، اعتراض ڪندڙ کان پڇيو ته اشتهاري هجڻ جي ڪيئن خبر پئي، اعتراض ڪندڙ چيو ته ڪنهن دوست ٻڌايو هو ته طاهر صادق اشتهاري آهي.فيصلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن اختياريون طاهر صادق جي اشتهاري هجڻ جا دستاويز نه ڏيکاري سگهيون، تنهن ڪري اين اي 49 اٽڪ تان طاهر صادق جو نالو بيلٽ پيپر ۾ شامل ڪيو وڃي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.