My WordPress Blog

پي ايس ڊبليو جو اي فائٽو حب سان انضمام، پاڪستان جي زرعي واپار جا دڳ کُلي ويا

0

ڪراچي (م ڊ ) اي فائٽو حب سان جاري انضمام ۾ پاڪستان سنگل ونڊو زرعي سامان ۽ جنسن جي درآمدن ۾ اليڪٽرانڪ فائٽو سينيٽري سرٽيفڪيٽس (اي فائٽو) حاصل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.نومبر 2023 ۾ اي فائٽو حب سان انضمام کانپوءِ پي ايس ڊبليو پليٽ فارم تان شين جي برآمدن لاءِ اي فائٽوز موڪليا پيا وڃن ۽ هيل تائين پاڪستاني برآمدي ڪنسائنمنٽس لاءِ 77 ملڪن کي 10000 کان وڌيڪ اي فائٽو سرٽيفڪيٽ موڪليا ويا آهن.انٽرنيشنل پلانٽ پروٽيڪشن ڪنوينشن (آءِ پي سي سي) جي اي فائٽو حب ذريعي ملڪن وچ ۾ اي فائٽو سرٽيفڪيٽ جي ڏي وٺ ڪئي ويندي آهي، اي فائٽو حب سان انضمام پلانٽ پروٽيڪشن کاتي، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ وزارت ۽ پي ايس ڊبليو جي گڏيل ڪوشش آهي ۽ اهو پاڪستان جي سپلاءِ چين ٽرانزيڪشنز کي ڊجيٽل ڪرڻ ڏانهن هڪ وڏو قدم آهي.پي ايس ڊبليو جو مقصد واپاري عمل کي هٿي ڏيڻ آهي، ڊي پي پي جي سرحد پار واپار ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ اليڪٽرانڪ ايپليڪيشن، پروسيسنگ ۽ درآمدي اجازت ناما جاري ڪرڻ کانسواءِ قومي ۽ عالمي قانونن موجب ٻوٽن ۽ ٻوٽن بابت شين جي برآمد ۽ برآمد لاءِ رليز آرڊر ۽ فائٽو سينيٽري سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ کي ڊجيٽلائز ڪيو آهي، ان حب ذريعي اي فائيٽوز جو اليڪٽرانڪ ڏي وٺ ڪسٽم ڪليئرنس دوران واپارين کي دستاويز جمع ڪرائڻ جي ضرورت کي ختم ڪرڻ آهي.درآمد ڪندڙ گهٽ وقت ۽ لاڳت سان فائدو کڻي رهيا آهن، ڇو ته ڊي پي پي سان انهن جو درآمدي ڪنسائنمنٽس جي ڪليئرنس لاءِ رليز آرڊر حاصل ڪرڻ بنا هارڊ ڪاپي جمع ڪرائڻ ممڪن ٿي ويو آهي، جنهن ۾ واپارين کي سنگل ڊڪليريشن ڪرڻ وقت رڳو اي فائيٽو سرٽيفڪيٽ جو نمبر داخل ڪرڻو پوندو.نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ بابت وفاقي سيڪريٽري آٽوميشن ذريعي واپار کي هٿي ڏيڻ لاءِ پي ايس ڊبليو ۽ ڊي پي پي جي ڪوشش کي ساراهيو ۽ کين مبارڪباد ڏني، پي ايس ڊبليو جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر به ٻنهي ٽيمن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ سرحد پار واپار کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ وزارت سان سهڪار وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.آءِ پي پي سي معاهدو گڏيل قومن جي خوراڪ ۽ زراعت جي تنظيم جي نگراني هيٺ آهي، اي فائٽو سلوشن هڪ اهڙو ٽول آهي، جيڪو ڪاغذي فائٽو سينيٽري سرٽيفڪيٽ جي ڄاڻ کي ڊجيٽل فائيو سينيٽري سرٽيفڪيٽ ۾ تبديل ڪري ٿو، ملڪن وچ ۾ اها اليڪٽرانڪ ڏي وٺ واپار کي محفوظ، تيز ۽ سستو بڻائي ٿي، اي فائٽو حب سان گڏجي پاڪستان دنيا جي 127 ملڪن سان اليڪٽرانڪ طور تي فائٽو سينيٽري سرٽيفڪيٽس جي ڏي وٺ ڪري سگهي ٿو.پي ايس ڊبليو هڪ گڏيل ڊجيٽل پليٽ فارم آهي، جيڪو واپار ۽ چرپر سان جڙيل ڌرين کي معياري ڄاڻ ۽ دستاويز کي سنگل انٽري پوائنٽ سان گڏ داخل ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪري ٿو ته جيئن درآمد، برآمد ۽ ٽرانزٽ بابت ريگيوليٽري گهرجن کي پورو ڪري سگهجي، ان جو مقصد پاڪستان جي سرحد پار واپار کي ڊجيٽلائز ڪري ڪاغذ تي ٻڌل دستاويز کي ختم ڪري ڪاروبار ڪرڻ جي وقت ۽ لاڳت کي گهٽ ڪرڻ آهي.پي ايس ڊبليو هڪ اهڙو ڊجيٽل پليٽ فارم آهي، جيڪو پاڪستان جي واپاري منظرنامي کي تبديل ڪري ڇڏيندو، اهو ڪسٽمز ۽ ٻين سرڪاري ايجنسين جي سرحد پار واپار بابت طريقي ڪار کي پاڻمرادو بڻائي ٿو ۽ ان سان انضمام ڪري واپار کي وڌيڪ تيز، وڌيڪ پهچ جوڳو بڻائي ٿو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.