My WordPress Blog

پيارو اسٽيشن ۾ بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف شهرين جو احتجاج

0

پيارو اسٽيشن(رپورٽر) پيارو اسٽيشن ۾ بنيادي مسئلا حل نہ ٿيڻ خلاف شهرين جو احتجاج ڊي سي او دادو ڊائريڪٽر لوڪل گورنميٽ حيدرآباد ۽ ٻين زميوار اختيارن کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو.ان موقعي تي پيارو اسٽيشن ۾ علي آباد ڪالوني جي رهواسين، عباس برهماڻي، رضوان پنهور، قادن چانڊيو، گل حسن چانڊيو، نظام الدين چانڊيو ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو تہ گذريل ويهن ورهين کان علي آباد ڪالوني ۾ پيپلز پارٽي ڪوبه ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو، اسان وٽ پيپلز پارٽي جو يوسي چيئرمين چونڊيل آهي سندس وٽ مهانا پنج لک بجيٽ اچي رهي آهي پر ڪراس موري بہ نہ ٿو ٺهرائي ڏئي،هنن وڌيڪ چيو تہ پيپلز پارٽي پنهنجي خاص ماڻهن جون گهٽيون ۽ گهرن اڳيان دڪا هڻائي ڇڏيا آهن پر علي آباد واسي ساڳين ڪچين زندگي گارڻ تي مجبور آهن، اسان اهڙي شڪايت چيئرمين اطهر حسين شاھ کي ڪافي ڀيرا ڪئي آهي پر هو اسان جي هڪ بہ نہ ٿو ٻڌي،احتجاج ڪندڙ ڊي سي او دادو، ڊائريڪٽر لوڪل گورنميٽ حيدرآباد ۽ ٻين وس وارن لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪندي چيو تہ اسان علي آباد ڪالوني جون گهٽيون پڪيون ڪرائي ڏنيون، ڀڳل ڪراس موريون ٺهرائي ڏنيون وڃن جيڪو اسان جو بنيادي حق آهي،ٻئي پاسي يوسي چيئرمين سيد اطهر شاھ کان موقف وٺڻ تي هن ٻڌايو تہ اليڪشن جي ڪري ترقياتي ڪم بند پيل آهن ۽ يوسي جي مهانا پنج لک بجيٽ آهي جيڪا ملازمن ۾ خرچ ٿي وڃي ٿي اڃان بہ شهر جي لاء مان گهران خرچ ڪري رهيو آهيان.

Leave A Reply

Your email address will not be published.