My WordPress Blog

ناظم آباد واقعو: مصطفيٰ ڪمال ڊاڪٽر عاصم کي ڪارڪن جي قتل جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو

0

ڪراچي: (م ڊ ) متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي سينئر ڊپٽي ڪنوينر مصطفيٰ ڪمال ڊاڪٽر عاصم کي ناظم آباد ۾ متحده ڪارڪن جي قتل جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته ناظم آباد ۾ ايم ڪيو ايم کان علاوه ڪابه ٻئي پارٽي ناهي. احمد فراز کي پ پ جي دهشتگردن فائرنگ ڪري شهيد ڪيو. اها سموري ڪارروائي ڊاڪٽر عاصم جي چوڻ تي ڪئي وئي آهي. چيو پيو وڃي ته گاڏيون ساڙڻ تي فراز کي گولي هنئي وئي آهي. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته گولي هلائيندڙن سان گڏ موبائل اچي رهي آهي. ڊاڪٽر عاصم انهي قتل جو ذميوار آهي. هن چيو ته سنڌ تي پيپلز پارٽي اڳ ئي قبضو ڪري چڪي آهي. پيپلز پارٽي اندر کان پاڪستان کي ختم ڪري رهي آهي. سهراب ڳوٺ ۾ اسان جي هٿين خالي ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو. منگهو پير ۾ اسان جي ڪارڪن کي پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن شهيد ڪيو. اين اي 243 مڇر ڪالوني ۾ اسان جي ٽن ساٿين کي پيپلز پارٽي جي ماڻهن شهيد ڪيو. پهريان اسان جا جهنڊا لاٿا ويا. ڪارڪنن روڪيو ته هاٿاپائي ڪري هليا ويا. بعد ۾ ڪلاشنڪوف سان گڏ آيا ۽ سڌي فائرنگ ڪئي وئي اسان جي ساٿين وٽ هٿيار هجن ها ته جوابي فائرنگ ٿئي ها. مصطفيٰ ڪمال چيو ته اسان جي ڪارڪنن هڪ پٿر به نه هنيو آهي. جڏهن حملو ڪندڙ آيا ته چار پوليس موبائلون موجود هيون اهو پهريون واقعو ناهي 3 مهينن دوران اهو ڇهون واقعو آهي. ڊاڪٽر عاصم جي چوڻ تي اهي ماڻهو مارڻ جي لاءِ آيا چيو پيو وڃي ته گاڏيون ساڙيون ويون جنهن جي جواب ۾ فائرنگ ڪئي وئي. هن وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر عاصم کي هن شهر تي قبضو ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي. جيڪو ڀارتي ايجنسي را جي سيٽ اپ کي پاڻ سان گڏ جوڙي پ پ جي جهنڊي هيٺيان ان کي ٻيهر قائم ڪرڻ چاهي ٿو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.