My WordPress Blog

مري ۾ برفباري جي شروعات: موسميات کاتي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ برفباري جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو

0

اسلام آباد: (م ڊ ) ملڪ ۾ برساتن ۽ برفباري جي سلسلي جي شروعات ٿي چڪي آهي. موسميات کاتي اڄ گلگت بلتستان، مٿانهين خيبرپختونخواهه ۽ آزاد ڪشمير ۾ برفباري جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. مري ۾ سيزن جي پهرين برفباري شروع ٿي چڪي آهي. خشڪ سيءَ کان پوءِ برفباري شروع ٿي وئي، مري جو گرمي  پد ڪاٽو 2 تائين پهچي ويو آهي. ايندڙ 36 ۽ 72 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ برفباري جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. مري ۾ سياحن جي سهوليت لاءِ 13 سهوليت سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. ڊي سي مري سياحن لاءِ پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته سياح پنهنجين گاڏين کي فٽ رکن ۽ خشڪ ميوه  پاڻ سان گڏ کڻي اچن ٻئي طرف موسميات کاتي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم ٿڌو رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي. جڏهن ته پوٽوهار خطي ۾ ڪجهه هنڌن تي بوندا باندي جو امڪان آهي. پنجاب ۽ مٿانهين سنڌ جي ڪجهه ميداني علائقن ۾ ڪوهيڙو رهڻ جو امڪان به ظاهر ڪيو ويو آهي. راولپنڊي، اسلام آباد ۽ ڀرپاسي ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. ڪوئٽه، زيارت، چمن ۽ ڀرپاسي ۾ برسات جڏهن ته زيارت ۾ پهاڙن تي برفباري جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. مڪران جي ساحلي علائقن ۾ ڪجهه هنڌن تي برسات، مري ۽ گليات ۾ برسات ۽ پهاڙن تي وڌيڪ برفباري جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. جهلم، گجرات، سيالڪوٽ ۽ نارووال ۾ به برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف ڪراچي ۾ سومر ۽ اڱاري تي هلڪي برسات جو امڪان  ظاهر ڪيو ويو آهي جنهن سبب ٿڌ ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي. موسميات کاتي ٻڌايو ته شهر ۾ سومر ۽ اڱاري تي مختلف هنڌن تي هلڪي برسات جو امڪان آهي. برسات سبب سومر تي گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 12 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رڪارڊ ڪري سگهجي ٿو. آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي مٿانهين علائقن ۾ برفباري سبب موسم  وڌيڪ ٿڌو ٿي ويو آهي. موسميات کاتي موسم کي نظر ۾ رکندي سياحن کي احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وادي نيلم جا مٿانهان علائقا برف سان ڍڪيل آهن. برفباري سبب لوات بالا، جاگران ويلي ۽ شونتهر ويلي خوبصورت منظر پيش ڪري رهيا آهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.