لاهور: (م ڊ ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف چيو آهي ته نوازشريف بي ڏوهي هو اهو جج به هليو ويو جنهن کي 8 مهينن کان پوءِ چيف جسٽس بنجڻو هو. لاهور ۾ پنهنجي چونڊ تڪ اين اي 130 ۾ ڪارڪنن کي خطاب ۾ نوازشريف چيو ته اهڙي محبت جو ڪيئن جواب ڏيان؟ اڄ سوچي رهيو آهيان ته اوهان مون سان ايتري محبت ڪندا آهيو اهو رشتو اهڙو آهي جنهن تي مون کي فخر آهي. هن چيو ته مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي. مون ڀائرن ۽ ڀينرن جي خدمت ڪئي آهي اهڙي خدمت جي بدلي ۾ اوهان جي اکين ۾ محبت ڏسي رهيو آهيان. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته مون کي ڄاڻي واڻي سزائون ڏنيون ويون. مان سرخرو ۽ بي ڏوهي ثابت ٿيس پر سزا ڏيندڙ هليا ويا. اهو جج به هليو ويو جنهن کي 8 مهينن کان پوءِ چيف جسٽس بنجڻو هو. نوازشريف چيو ته اسان تمام گهڻا ڌڪا کاڌا آهن. هاڻ وڌيڪ ڌڪا کائڻ جي طاقت آهي نه همت. جڏهن مان حڪومت ۾ هئس 20 روپين ۾ 5 مانيون ملنديون هيون اڄ 20 روپين جي هڪ ماني آهي. اهو زمانو ڪيڏانهن ويو، ڪير کڻي ويو انهي زماني کي؟ ڪيئن واپس آڻيون انهي زماني کي؟ پر مان اوهان سان واعدو ڪريان ٿو ته مان نوازشريف انهي زماني کي واپس آڻيندس. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته پورو پاڪستان منهنجو آهي ۽ خاص ڪري هي تڪ منهنجو آهي. مون کي پنهنجي ملڪ کي غيرتمند ملڪ بنائڻو آهي. جيڪڏهن مان هجان ها ته هن ملڪ ۾ ڪوبه نوجوان بيروزگار نه هجي ها.