My WordPress Blog

فتويٰ ڏيڻ وارن کان وڌيڪ بدتر ۽ ناڪاري سوچ ڪنهن جي به نٿي ٿي سگهي: چيف جسٽس

0

اسلام آباد ( م ڊ  ) سپريم ڪورٽ ايف آءِ اي پاران ججن تي تنقيد ڪرڻ سبب صحافين کي موڪليل نوٽيس فوري طور واپس وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.سپريم ڪورٽ ۾ صحافين کي هيسائڻ بابت پراڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ ٽي رڪني بئنچ ڪئي.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پڇاڻو ڪيو ته ڪيترا ڪيسز آهن؟ جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته چار درخواستون آهن جن ۾ قيوم صديقي ۽ اسد درخواستگذار آهن.چيف جسٽس چيو ته قيوم صديقي ٻڌائي ته ڪيس پاڻ هلائڻو آهي يا پريس ايسوسيئيشن جو صدر دليل ڏيندو؟ جنهن تي عبدالقيوم صديقي چيو ته هو ڪجهه حقيقتون سامهون رکڻ چاهي ٿو.چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو ته قدرت جو نظام ڏسو ته اسان پاڻمرادو نوٽيس عدالت نمبر 2 ۾ ورتو پر معاملو 5 رڪني بئنچ وٽ پاڻمرادو نوٽيس اختيار لاءِ هليو ويو، 5 رڪني بئنچ طئي ڪيو ته 184 ٽي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو اختيار رڳو چيف جسٽس جو آهي، صحافين کي ئي نه پر ججن کي به اظهار جي آزادي هوندي آهي.چيف جسٽس چيو ته عبدالقيوم صديقي اوهان ته چيو هو ته اوهان ڪيس کي هلائڻ ئي نٿا چاهيو، جنهن تي عبدالقيوم صديقي چيو ته جڏهن معاملو جسٽس اعجاز الحسن جي بئنچ وٽ ويو ته هن چيو ته هو ڪيس نه ٿو هلائڻ چاهي.چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته صحافين جي شڪايت کي ڏٺو ئي نه ويو هو، سپريم ڪورٽ ڪيس اڪلائڻ بدران 2021ع کان سردخاني ۾ رکيو، عبدالقيوم صديقي ٻڌايو ته ان وقت اوهان جي درخواست ڪهڙي هئي ۽ هاڻي ڇا آهي؟.چيف جسٽس چيو ته يا ته سرڪار چوندي آهي ته آرٽيڪل 19 تي عمل ناهي ڪرائڻو يا داد رسي ڪندي آهي، بنيادي حقن کي زنده رکون يا وري اِهي رڳو ڪاغذ تي لکيل سمجهون، هي ڪيس دفن ٿيڻ سان گڏ ته بنيادي حق به دفن ٿي ويا، مان ته پهريان پنهنجي اداري تي ڳالهائيندس، ڪيستائين ماضي جي غلطين کي ورجائينداسين؟ مون تي تنقيد ڪندا ته مون کي پنهنجي غلطي بابت ڄاڻ هوندي.صحافي عبدالقيوم صديقي چيو ته مون چيو هو ته پنهنجو معاملو الله تي ڇڏيان ٿو، جيئن هتي مسئلو رکيو آهي ائين ئي چيف جسٽس گلزار احمد وٽ به وڄڻ چاهيان پيو، پر اجازت نه ڏني وئي، چيف جسٽس کيس ٽوڪيندي چيو ته بس اڳوڻي چيف جسٽس تي تنقيد ناهي ڪرڻي موجودا تي ڪرڻي آهي.جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته اهي شڪايتون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڇو نه ٿيون آهن، دنيا ۾ زنده قومون ماضي جي غلطين مان سکنديون آهن، زنده قومون ماضي مان سکنديون آهن ۽ اسان چوندا آهن بس اڳتي وڌو.جسٽس محمد علي مظهر چيو ته ايف آءِ اي به رپورٽ ڏني هئي ته ڪنهن به صحافي خلاف ڪارروائي نه ٿي رهي آهي، ايف آءِ اي پراڻي ڪارروائين بابت ڪو به جواب نه ڏنو هو.چيف جسٽس چيو ته اسد طور کان پڇا ڪريو ته ڇا اهي ماڻهو پڪڙيا ويا جن تشدد ڪيو هو؟ اسد طور ڇا اوهان انهن ماڻهن جا چهرا سڃاڻي سگهو ٿا؟.اسد طور چيو ته جن تشدد ڪيو اهي پڪڙيا ئي نه ويا هئا، اڄ به ڏسي سڃاڻي سگهي ٿو، جنهن تي چيف جسٽس پڇا ڪئي ته ڇا تشدد ڪندڙن جا خاڪا ٺاهيا ويا هئا؟ اسد طور چيو ته خاڪا ته ٺاهيا ويا هئا پر جيو فينسنگ نه ڪئي وئي هئي.چيف جسٽس پاڪستان پڇاڻو ڪيو ته اسد طور جو ڪيس سردخاني ۾ وڌو ويو يا اڃا هلي رهيو آهي؟ اٽارني جنرل اسد طور ڪيس بابت گڏيل ۽ تفصيلي رپورٽ ڏئي.اسد طور چيو ته هو پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي پيروي نه ٿو ڪرڻ چاهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اوهان نه ڪريو پر اسان پاڻ ان کيس کي ڏسنداسين.چيف جسٽس چيو ته اوهان سمجهو ٿا ته تنقيد روڪي منهنجو يا سپريم ڪورٽ جو فائدو ڪري رهيا آهيو ته اوهان نقصان ڪري رهيا آهيو، صحافي جيڪڏهن عدالتي فيصلن تي تنقيد ڪن ٿا ڪن، ڪنهن کي تشدد تي ڀڙڪائڻ يا نفرت پکيڙڻ وارو معاملو ڌار آهي، ڪنهن به صحافي يا عوام ماڻهو کي به تنقيد ڪرڻ کان روڪي نه ٿا سگهون، سپريم ڪورٽ تي تنقيد تي ڪو به ڪيس داخل نه ٿيندو.جسٽس مسرت هلالي چيو ته سوشل ميڊيا ادارن کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي، جيڪڏهن آرٽيڪل 19 جو خيال آهي ته پوءِ ڪجهه خيال آرٽيڪل 14 جو به ڪريو.جسٽس محمد علي مظهر چيو ته ٿمبنيل تي جيڪو لکيل هوندو آهي اِهو اندر ناهي هوندو، اِهو ڏاڍو ڳجيب آهي، فيئر تنقيد ۾ مسئلو ناهي پر جيڪا ٻولي استعمال ڪئي ويندي آهي اِها غلط آهي.اٽارني جنرل سپريم ڪورٽ کي خاطري ڪرائي ته تنقيد ڪرڻ تي ڪنهن به صحافي خلاف ڪارروائي نه ڪئي ويندي، چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن ڪنهن صحافي کي رڳو تنقيد ڪرڻ تي گرفتار ڪيو وڃي ته اهو غلط آهي، مون کي تي گار گند سان به فرق ناهي پوندو ته حدون نه اورانگهيون وڃن.صحافي عبدالقيوم صديقي چيو ته وفاقي حڪومت کان اهو به پڇيو وڃي ته جي آءِ ٽي ڪنهن جي درخواست تي ٺاهي وئي ڇو ته ان بابت ڪيتريون ئي اڳڪٿيون ٿي رهيون آهن.چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته هو انهن کي به حق ڏياريندا جيڪي سندن سامهون نه آهن، پاڻ تي تنقيد کي ڀليڪار چوان ٿو، ڪجهه ڳالهيون قائداعظم جون ڪري ٿا وٺون، جنهن تي جسٽس مسرت هلالي چيو ته هنن ته قائداعظم جو به مذاق اڏايو آهي.صحافي مطيع الله جان چيو ته ارشد شريف جي قتل جو پاڻمرادو نوٽيس مقرر ڪيو وڃي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ارشد شريف جو ڪيس به ايندڙ ٻڌڻي تي ڳنڍجي سگهي ٿو.سپريم ڪورٽ بار جي صدر چيو ته عدالتي فيصلي تي تنقيد ٿيڻ گهرجي پر ججن خلاف هٿ ٺوڪيون ڪهاڻيون نه ٺاهيون وڃن، جنهن تي جسٽس محمد علي مظهر چيو ته ٽي وي لاءِ پيمرا جو ضابطا اخلاق موجود آهي پر يوٽيوب جو ڪوڊ ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ ناهي.چيف جسٽس چيو ته فتويٰ ڏيڻ وارن کان بدتر ۽ منفي سوچ ڪنهن جي نٿي ٿي سگهي، هو نفرت پکيڙندا آهن ۽ قبرستان به ناهن ڇڏيندا، اِهي هاڻي ازدها بڻجي چڪا آهن، هڪ ٻارڙي ملالا تعليم جي ڳالهه ڪري رهي هئي مٿس حملو ڪيو ويو، اسان لاءِ ڪيڏي شرم جوڳي ڳالهه آهي ته هوءَ هاڻ پنهنجي ملڪ به نٿي اچي سگهي.سپريم ڪورٽ اٽارني جنرل کان صحافين خلاف ڪيسن جا تفصيل طلب ڪندي چيو ته ٻڌايو ته مطيع الله جان، اسد طور، عامر مير ۽ شفقت عمران کانسواءِ ٻيا ڪهڙا ڪيس آهن، صحافين خلاف جيڪي داخل ڪيس آهن رڪارڊ ڏنو وڃي، جيڪي صحافين ايف آءِ آرز داخل ڪرايون تن جو به سمورو رڪارڊ ڏنو وڃي، ڊي جي ايف آءِ اي ۽ آءِ جي پوليس جهڙن آفيسرن کان تفصيل ورتا وڃن.عدالت صحافين کي هيسائڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪندي وفاقي حڪومت کي صحافين تي تشدد خلاف رپورٽ ٻن هفتن اندر پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.