ڪوئٽه: (م ڊ ) بلوچستان نيشنل پارٽي(بي اين پي) جي سربراهه سردار اختر مينگل چيو آهي ته عام چونڊن ۾ عوام هميشه اسان کي ووٽ ڏنو آهي. خبر ناهي ووٽ ڪهڙي مخلوق غائب ڪندي آهي. ڪوئٽه ۾ جلسي کي خطاب ڪندي سردار اختر مينگل چيو ته هن ڀيري چئن تڪن تان چونڊن ۾ حصو وٺي رهيو آهيان. ڪوئٽه ۽ قلات مان چونڊون اسيمبلي ۾ وڃڻ لاءِ ناهيان وڙهي رهيو. هن چيو ته چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو مقصد اهو ٻڌائڻ آهي ته بلوچستان ۾ رهندڙن جي وارث بي اين پي آهي. بي اين پي سربراهه وڌيڪ چيو ته نامزدگي ڪاغذ رد ڪرائڻ لاءِ اسان جا مخالف سپريم ڪورٽ تائين ويا اڄ اوهان 8 فيبروري کان اڳ ئي پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي.