ڪراچي.(رپوٽر) سينٽ ريٽا ڪنويٽ جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي حيدرآباد جي بشپ سمسون شاڪر دين چيو ته سينٽ ريٽا اسپتال گذريل 75 سالن کان هن شهر جي هر عمر ۽ نسل جي ماڻهن جي خدمت ۾ مصروف آهي. بنياد هڪ تاريخي قدم آهي. ان موقعي تي انٽرنيشنل لائرز فورم جي چيئرمين ناصر احمد چيو ته برصغير ۾ ڪنوينٽس جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته جتي به ڪنوينٽس تعمير ٿيا آهن اتي علم جي شمع روشن ڪئي وئي آهي، جنهن ترقي جا رستا کولي ڇڏيا آهن. سسيليا جيمس حيدرآباد جي بشپ کي ليڊي فاطمه جو مجسمو پيش ڪيو جڏهن ته ناصر احمد خاص شيلڊ پيش ڪئي. تقريب کي سينٽ ريٽا اسپتال جي انچارج شڪيلا، سسٽر نرگس صادق، دارالعلوم جي صدر سسٽر فضيلا ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، جڏهن ته ايف ايم سي سي سسٽرز مذهبي گيت ڳايا. آخر ۾ بشپ سمسون شڪردين ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعا گهري.