My WordPress Blog

سياسي سماجي اڳواڻن ملير جي ٻهراڙين جي عوام  لاءِ لکيل پروگرامن کي شعوري سگهه قرار ڏيندي

0

ڪراچي رپورٽر)  سياسي سماجي اڳواڻن ملير جي ٻهراڙين جي عوام  لاءِ لکيل پروگرامن کي شعوري سگهه قرار ڏيندي چيو آهي ته نوجوان هاڻي سڄاڳي طرف وڌن پيا، جيڪي پنهنجن سماجي سرگرمين سان گڏ بنيادي مسئلن کي اجاڳر ڪري قومي فرض نڀائي رهيا آهن، اهڙن خيالن جو اظهار ملير جي ميمڻ ڳوٺ ۾ علي ايونٽ مئنيجمنٽ ۽ منھنجي ڳوٺاڻي سماجي تنظيم پاران ڪريل ڪراچي ڪلچرل فيسٽيول ۾ مقررن ڳالهائيندي ڪيو، نواز ليگ جي قومي اسيمبلي جي اميدوار قادر بخش ڪلمتي چيو ته ملير جي نوجوانن عوام ۾ سجاڳي لاءِ وسان نه گهٽايو آهي، هاڻي قبضا مافيا، توري چورن، عوام جا حق ڦٻائيندڙن کي نوجوان ئي نروار ڪري رهيا آهن، هن چيو ته ملير جو عوام سجاڳ ٿي ويو آهي، هاڻي عوام ناانصافين جو ووٽ ذريعي بدلو وٺندو،  چونڊن ۾ ڪامياب ٿي ملير جي نوجوانن لاءِ راندين جا گرائونڊ، اسڪول ۽ صحت جا بنيادي مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ جدوجهد ڪندس، پي ايس 85 تي نواز ليگ اميدوار پير حفيظ الله جان سرهندي چيو ته ملير جو عوام هاڻي پنهنجن حقن لاءِ آواز اٿاري پيو ان جو وڏو ڪارڻ هي سماجي ميلو آهي، هن ۾ عوام جي شرڪت سجاڳي جي نشاني آهي، هن چيو ته عوام ساٿ ڏنو ته ڪامياب ٿينداسين ۽ عوام جي خدمت ڪنداسين. پ پ اڳواڻ سليم ميمڻ چيو ته ميمڻ ڳوٺ ۾ نوجوان ڪامياب پروگرام ڪرائڻ تي جس لهڻن، اهڙيون سرگرميون مسئلن جي ماريل عوام لاءِ آڪسيجن آهن، پ پ عوام جي اڳ به خدمت ڪئي آهي ۽ هاڻي به خدمت ڪندي رهندي. ان موقعي تي سماجي اڳواڻن قاضي لطيف، محمد علي نقرچ،عنايت قمبراڻي،عابد حسين عباسي،اعجاز حنيف ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته عوام جي ساٿ سان اهڙا پروگرام حڪمرانن لاءِ پيغام آهن ته اهي عوام جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪن، نه ته سياسي پارٽين جي جلسن کان به وڏا عوامي ميڙ عوامي شعور سان لڳائي جمهوري انداز ۾ مسئلن جي حل لاءِ الڳ آواز اٿاري سگهجي ٿو.ڪراچي؛    محمدي فٽبال گرائونڊ ميمڻ ڳوٺ ۾ ڪراچي ڪلچرل فيسٽيول جي ملاکڙي واري پروگرام ۾ شاندار مقابلا، پھرين جوڙ ۾  پھلوان گلدستو خاصخيلي، ٻئي جوڙ ۾ ايڪسپريس پھلوان راحب شيدي ۽ ٽئين جوڙ ۾ پھلوان اختر جمالي ميدان ماري ورتو ، ملاکڙي ۾ سنڌ پنجاب ۽ بلوچستان جي مشھور ملھ پھلوانن حصو ورتو ملير ثقافتي فيسٽيول جي آخري ڏينھن نواز ليگ اڳواڻن قادر بخش ڪلمتي پير حفيظ الله جان سرهندي پيپلزپارٽي اڳواڻ وائيس چيئرمين يوسي مراد ميمڻ محمد سليم ميمڻ عبدالقادر درس،قاضي عبدالطيف بلوچ،سلمان پٽني،زاھد رحيم، وسيم مغل،سلمان قادر،سليم جي ميمڻ امير بخش خاصخيلي سميت ملير جي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ ھزارن جي تعداد ۾ ملھ جي شوقينن پرجوش انداز ۾ پھچي ملھ پھلوانن جي حوصلا افزائي ڪئي انھي موقعي تي شاندار ملھ جا مقابلا ٿيا  فيسٽيول جي موقعي تي آيل مهمانن ڪامياب ملھ پھلوانن ۾ انعام ورھايا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.