فرحان سومرو
مُون ڀانئيو مُون وَٽِ، ھميشه ھوندا پرين
ويڙھو ڏيئِي ويڪرو، پَھري وِيا پَٽِ
ساھُ جِنين جِي سَٽِ، وِڪِيُم ٿي وڻِڪارِ ۾ (شاھ)
اها جنوري جي سرد رات هئي، اها رات ڪئين وسري سگهي ٿي، جيڪا رات پنهنجا ٻہ پهر تہ گذاري چڪي هئي، پر پوئين ٻن پهرن گذرڻ کان اڳ اسان کان اسان جو محسن ۽ والد جهڙو پيار ڏيندڙ مرحوم بابا سائين جو ننڍو ڀاءُ چاچا سائين حاجي علي حسن سومري کي قدرت کسي ورتو هئو،
چاچا سائين جي وڇوڙي جي خبر ڪجھ ئي گهڙين اندر سموري علائقي ۾ باھ وانگي پکڙجي وئي، اڃان سج جا صبح ڌاري پاڇا نڪتا ئي نہ هئا، تہ سموري علائقن مان چاچا سائين جا چاهيندڙ، دوست، هڏڏوکي ۽ مٽ مائٽ پهچڻ شروع ٿيندا ويا، ائين پئي لڳو تہ سڄي رات فضا سوڳ ۾ رهي آهي، اونداهيون اوجاڳي ۾ ويڙھجي ويون آهن، جو بابا جي وڇوڙي جي خبر، ڪراچي جي سرحدن کي ڪراس ڪندي وستين ۽ واهڻن ۾ هوا جيان پهچندي وئي يا ائين پئي لڳو، هڪ عظيم انسان جي وڇوڙي جي خبر ڏيڻ لاءِ ڪنهن ننڊ پيل انسان کي اچانڪ ڪنهن ننڊ مان اٿاري آگاهي ڏني هجي.
مون کي ياد آهي تہ 2006ع ڌاري بابا سائين غازي گل حسن جي وڇوڙي کان پوءِ چاچا سائين اسان کي پنهنجي پٽ جيان پالي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي سگھ ڏني هئي، ۽ اهو ئي سبب هو اسان سڀ ڀائر به پنهنجي چاچي کي بابا ڪري ئي ڪوٺيندا هئاسين،
هو علائقي ۽ ان جي پسگردائيءَ جي کوڙ مسڪين توڙي بي پهچ ماڻهن جو به سهارو هئو، ان خبر جو اندازو اسان کي سندن جي وڇوڙي کان پوءِ پيو، جڏهن اهي بي پهچ ۽ مسڪين اسان سان ڏک ونڊڻ لاءِ ڪيترائي ريڙهين تي سبزي، فروٽ وڪرو ڪندڙ، بيواه عورتون جن جي ٻارن جون اسڪولي فيسون يا جن کي ٺهرائي ڏنل جڳهيون، عام مسڪين ماڻهو هنجون هاريندي تڏي تي پهتا، ڏکوئيل اکين سان پئي اظهار ڪيائون تہ اسان کان اسان جو سهاروکسجي ويو،
بقول شاعر جي.
وہ بچھڑا کچھ اس ادا سے کہ رت ہی بدل گئی،
اک شخص سارے شہر کو ویران کرگیا
ان وقت هر پاسي ڏک ۽ غم جي لهر هئي جڏهن جنازي نماز ٿي تہ اسان جي علائقي جي هڪ تاريخي جنازي نماز هئي جنهن ۾ هر مقطب فڪر جي ماڻهن شرڪت ڪئي،
چاچا جي زندگيءَ جا آخري چار سال چاچا کي آئون پنهنجي ڀائرن ۽ سوٽن کان وڌيڪ تمام ويجهو رهيس جڏهن تہ ڪاروبار جو سمورو ڪار وهنوارئي آئون هلائيندو هئس، چاچا سائين زندگيءَ جا چاليھ سال ڪنسٽرڪشن جي (جڳهين ٺاهڻ جو ڪم) ڪم ڪيو.. پنهنجي زندگيءَ جا سمورا تجربا چاچا سائين مونکي سيکاريا آخري ئي هفتي ۾ جڏهن آئون چاچا سائين کي گهر کان آفيس لاءِ وٺڻ ويم تہ چيائين تہ اڃان منهنجي ضرورت اٿئي؟ تہ مون هڪدم چيو توهان جي ضرورت زندگي جي وک وک تي آهي۽ رهندي، ڀل آئون مڪمل ڀڙ ٿي وڃان پر آئون اوهان کان سواءِ اڌورو آهيان،
چئي ڏنائين ” ايڏو ٽائيم ڪو نہ ٿئي اسان وٽ”
مان سمجهي نه سگھيم بابا ڇا چئي رهيو آهي؟ بابا جڏهن بہ شام ڌاري آفيس کان گهر ويندو هئو تہ مونکي آفيس ۾ گهرائي سڄي ڏيهن ۾ ٿيل ڪمن ۽ سڀاڻي ڇا ڪرڻو آهي ان بابت پوري معلومات وٺي ۽ چوندو هئو تہ هاڻ مان وڃان ٿو، اهو لمحو مون لاءِ فخر سان گڏ اتساھ پڻ هوندو هئو، انھي آخري شام ڌاري بہ بابا منهنجي انتظار ۾ هئو مان ڪنهن ڪم ڌاري ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ بابا جي ئي گاڏي ڪاهي ويو هئس جئين موٽيم تہ بابا منهنجي ڀائرن سان ويٺو هئو ۽ سڀاڻي بابت سمورا احوال وٺي چيائين تہ هاڻ مونکي اجازت آهي بابا سدائين چوندو هئو هاڻ مان وڃان ٿو پر انهي ڏيهن بابا مسڪرائيندي چيو هاڻ مونکي اجازت آهي مان ڪنڌ لوڏي ها تہ ڪئي پر سمجهي نہ سگھيم تہ، بابا ڇا چئي ويو، جي خبر هجي ها ته بابا هميشه لاءِ موڪلائڻ جي ڳالهه ٿو ڪري تہ آئون علائقي جه مسيحائي ڪردار پنهنجي چاچا کي ڪڏهن به ڪڌ لوڏي ها نہ ڪيان ها بس پوءِ اهو ڏينهن کلندي ڪڏندي اسان کان هميشہ لاءِ موڪلائي ويو،
ڪنهن شاعر ڇا تہ چيو آهي….
“توهان جي وڇڙڻ کان پوءِ کليا ناهيون
پاڻ سان ڀي ڪٿي مليا ناهيون”