راولپنڊي: (م ڊ ) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سان ايران جي پرڏيهي وزير امير عبداللهيان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ٻه طرفا لاڳاپا مضبوط بڻائڻ ۽ دهشتگردي سان انٽيليجنس شيئرنگ ذريعي منهن ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب ايراني پرڏيهي وزير امير عبداللهيان جي ايڇ ڪيو ۾ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي رشتن کي سمجهندي ڌرين ٻه طرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ هڪ ٻئي جي خدشن کي وڌ کان وڌ سمجهڻ تي زور ڏنو. آرمي چيف ٻي رياست جي خود مختياري ۽ علائقائي سلامتي جي احترام تي زور ڏنو ۽ اتفاق ڪيو ويو ته دهشتگردي گڏيل خطرو آهي، جنهن کي گڏيل سهڪار، بهتر رابطي ۽ انٽيليجنس شيئرنگ ذريعي منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي.