ڪراچي جي وڏيري لاهور جو رخ ڪري ورتو آهي، 300 يونٽ مفت بجلي جون ڳالهيون ڪندڙ ڪرپشن جا بادشاهه آهن: عطاءُالله تارڙ
لاهور: (م ڊ ) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته ڪراچي جي هڪ وڏيري لاهور جو رخ ڪري ورتو آهي. 300 يونٽ مفت بجلي جون ڳالهيون ڪندڙ ڪرپشن جا بادشاهه آهن. لاهور ۾ تڪ اين اي 127 ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته نوازشريف جڏهن به ايندو آهي نوان منصوبا شروع ڪندو آهي. نوازشريف کي معيشت جو ڦيٿو هلائڻ اچي ٿو. هن ملڪ کي سنواري ڇڏيو هو. هن چيو ته ڪراچي جي هڪ وڏيري لاهور جو رخ ڪري ورتو آهي. جنهن جي مقابلي ۾ نوازشريف جا ڪارڪن سامهون آهن. 300 يونٽ مفت بجلي جون ڳالهيون ڪندڙ ڪرپشن جا بادشاهه آهن. عطاءُالله تارڙ وڌيڪ چيو ته اوهان جتي به ويندو هر تڪ ۾ ترقي جا نشان نظر ايندا. صوبي جي تعمير، ترقي رت ۽ پگهر ڏئي ڪئي آهي. هن چيو ته پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير عثمان بزدار ڪٿي به نظر نه پيو اچي. گذريل 5 سالن ۾ هڪ سر به ناهي لڳائي وئي. پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير رڪارڊ ڪرپشن ڪري ملڪ کي برداشت نه ڪرڻ جوڳو نقصان پهچايو.