لاهور: (م ڊ ) پنجاب جي اڳوڻي گورنر ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ ميان محمد اظهر کي لاهور پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي اڳوڻي وفاقي وزير حماد اظهر پنهنجي هڪ بيان ۾ پنهنجي والد جي گرفتاري جي دعويٰ ڪئي آهي هن گرفتاري جي تصوير به ٽوئيٽ ۾ شيئر ڪئي آهي. حماد اظهر لکيو ته بزدل لاڏلي ۽ ڊنل حڪومت جي حڪم تي منهنجي والد کي گرفتار ڪيو ويو آهي. اين اي 129 جا ڪارڪن پنهنجي پنهنجي علائقن مان وڌ کان وڌ ريليون ڪڍن. پي ٽي آءِ اڳواڻ دعويٰ ڪئي ته پوليس منهنجي والد کي گاڏي ۾ ويهاري کڻي وئي آهي. ياد رهي ته ميان اظهر لاهور مان قومي اسيمبلي جي سيٽ اين اي 129 تان چونڊ نشان ڪرڪيٽ ۽ وڪيٽ تان چونڊون وٺي رهيو آهي. ميان اظهر پنجاب جو اڳوڻو گورنر به رهي چڪو آهي. ساڳئي سيٽ تي حماد اظهر کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت نه ملي هئي.