شيخوپوره: (م ڊ ) شيخوپوره ۾ هڪ ئي خاندان جي 5 ڄڻن کي قتل ڪيو ويو آهي جڏهن ته حملي دوران هڪ عورت سخت زخمي ٿي پئي آهي. پوليس موجب مارجي ويلن ۾ شاهه محمد، سندس گهر واري، ڌيءَ ۽ 2 ٻار شامل آهن. پوليس ٻڌايو آهي ته زخمي ٿيل هڪ ٻئي عورت تازو ئي ٻئي شادي ڪئي هئي. خاندان جا 3 ڄڻا گهر تي موجود نه هجڻ سبب بچي ويا. آءِ جي پنجاب پوليس ڊاڪٽر عثمان انور واقعي جو نوٽيس وٺندي آر پي او شيخوپوره کان رپورٽ طلب ڪري ورتي جڏهن ته جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪري انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. مارجي ويل ماڻهو فيصل آباد کان مزدوري جي لاءِ شيخوپوره آيا هئا، ياد رهي ته 17 جنوري تي به شيخوپوره ۾ اهڙي قسم جو هڪ واقعو ٿيو هو جنهن ۾ نامعلوم جوابدارن ڪهاڙين جا وار ڪري 2 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو هو.