My WordPress Blog

اليڪشن ڪميشن 50 سيڪڙو کان وڌيڪ بيلٽ پيپرز جي ڇپائي مڪمل ڪري ورتي

0

اسلام آباد: (م ڊ ) ملڪ ۾ ٿيندڙ عام چونڊن جي حوالي سان تياريون زور شور سان جاري آهن. ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن جي ذريعن ٻڌايو آهي ته بيلٽ پيپرز جي ڇپائي جو 50 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي. جڏهن ته بيلٽ پيپرز جي ورهاست شروع ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن 13 ڪروڙ کان وڌيڪ بيلٽ پيپرز جي ڇپائي مڪمل ڪري ورتي، علائقن مان بيلٽ پيپرز جي ورهاست به شروع ڪئي وئي آهي. ٻن ضلعن جا بيلٽ پيپرز به لاڳاپيل ڊي آر اوز ڏانهن اماڻيا ويا آهن  جن ۾ لودهران ۽ وهاڙي جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جا تڪ شامل آهن. اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب 3 فيبروري تي بيلٽ پيپرز جي ڇپائي ۽ ورهاست جو عمل مڪمل ڪيو ويندو. قومي اسيمبلي جي 266 تڪن ۽ صوبائي اسيمبلين جي 593 تڪن جي بيلٽ جي ڇپائي جو عمل جاري آهي. ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن عام چونڊن لاءِ گڏيل طور تي 26 ڪروڙ بيلٽ پيپر ڇاپيندي. خصوصي فيچر تي ٻڌل بيلٽ پيپرز به ڇاپيا پيا وڃن. عام چونڊن ۾ واٽر مارڪ وارن بيلٽ پيپر جو استعمال ڪيو پيو وڃي. وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته 3 ڪمپنيون 10 ڪروڙ، 9 ڪروڙ ۽ 7 ڪروڙ بيلٽ پيپر ڇاپينديون.

Leave A Reply

Your email address will not be published.