ڪراچي: (م ڊ ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڏنڊو هر مسئلي جو حل ناهي، يوٽيوب ۽ انٽرنيٽ بند ڪرڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو. ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڪانووڪيشن تقريب کي خطاب ڪندي صدر عارف علوي چيو ته دنيا ۾ تعليم مسئلن جو اڪيلو حل ناهي، دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ظلم پڙهيل لکيل ماڻهن ڪيا آهن. تعليم تربيت جو بنياد نه آهي. صدر چيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو عروج ۽ انسانيت جو زوال آهي، جڏهن يهودين کي ماريو ويو ان تي ڳالهايو ويندو هو، اڄ جيڪو ڪجهه غزا ۾ ٿي رهيو آهي ان تي پردو وڌو پيو وڃي، اِهو سڀ تعليم يافتا قومون ڪري رهيون آهن. صدر عارف علوي چيو ته ٽي وي تي منهنجي ڳالهين کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويندو آهي، معاملو ڪجهه ٻيو هوندو آهي ۽ پيغام ڪجهه ٻيو ويندو آهي اسان سدائين ٽيڪنالاجي ۽ نئين ايجاد جي مخالفت ڪئي آهي، اڄ به انٽرنيٽ ۽ يوٽيوب بند ڪيو ويندو آهي، يوٽيوب ۽ انٽرنيٽ بند ڪرڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته ڏنڊو هر مسئلي جو حل ناهي، ڏنڊي سان معاملو ٺيڪ نه ٿيندو.