My WordPress Blog

ميرپور ماٿيلو؛ ضلع گھوٽڪي جي 2 قومي اسيمبليءَ ۽ چار صوبائي اسيمبلي جي تڪن تي اليڪشن 2024 ۾ حصو وٺندڙ اميدوار

0

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ؛ هادي بخش جلباڻي) ميرپور ماٿيلو؛ ضلع گھوٽڪي جي 2 قومي اسيمبليءَ ۽ چار صوبائي اسيمبلي جي تڪن تي اليڪشن 2024 ۾ حصو وٺندڙ اميدوار  سندرا ٻڌي ميدان تي نڪري پيا ، پنھجي پنھجي ڪاميابي لاءِ ڪارنر گڏجاڻيون جاري ، پ پ ، جمعيت علماء اسلام ، مسلم ليگ ن ، تحريڪ انصاف ، ۽ آزاد اميدوارن پاران سرگرميون جاري ، پنجن سالن تائين عوامي مسئلن کان لاتعلق رھندڙ گھوٽڪي ضلعي جي سردارن جي بنگلن تي جشن جو سماء پاڪستان پيپلز پارٽي جا نامزد اميدوار ٻن صوبائي تڪن تي آزاد اميدوارن جي حمايت ۾ سرگرم پاڪستان پيپلز پارٽي گھوٽڪي ضلعي جي قيادت اندروني اختلاف ختم ڪرائڻ ۾ ناڪام ، تفصيل موجب ، ڪراچي کان بعد سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪندڙ گھوٽڪي ضلعي جي ٻن قومي اسيمبليءَ ۽ چار صوبائي تڪن تي اليڪشن 2024 ۾ حصو وٺندڙ پ پ ، جمعيت علماء اسلام ، مسلم ليگ ن ، مسلم ليگ فنڪشنل ، تحريڪ انصاف ۽ آزاد اميدوار پنهنجي پنھنجي ڪاميابي لاءِ سندرا ٻڌي ميدان تي نڪري پيا آھن ان سلسلي ۾ اين اي 198 تي پاڪستان پيپلز پارٽي جو اميدوار مير خالد احمد خان لنڊ آزاد اميدوار ميان عبدالحق عرف ميان مٺو مسلم ليگ ن جو اميدوار اسلام خان مهر پاڪستان تحريڪ انصاف سان منسلڪ آزاد اميدوار عبدالستار سمون سميت جو اميدوار ميدان تي لٿل آهن جتي مير خالد احمد خان لنڊ ۽ گھوٽڪي ضلعي جي بزرگ سياستدان ميان عبدالحق عرف ميان مٺو جي درميان زبردست مقابلي جو امڪان آهي ۽ ٻنھي اميدوارن پاران سرگرميون عروج تي پهچي ويون آهن جڏھن ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ ۽ آزاد اميدوار ڄام مھتاب حسين خان ڏھر 198 تي آزاد اميدوار ميان عبدالحق عرف ميان مٺو جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي ۽ اين اي 199 تي پڻ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان گھوٽڪي ضلعي جي سياست تي راڄ ڪندڙ سردار علي گوهر خان مهر ، ۽ سنڌ جي قديم درسگاهه ھاليجي شريف جي بزرگ مولانا عبدالقيوم ھاليجوي سندرا ٻڌي ميدان تي نڪري پيا آھن اھڙي طرح پي ايس 19 ميرپور ماٿيلو ڏھرڪي ، تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي نامزد اميدوار سردار عبدالباري خان پتافي ، پاڪستان تحريڪ انصاف سان منسلڪ آزاد اميدوار مجيب الرحمان مرڻانس جمعيت علماءِ اسلام جي اميدوار سردار صغير احمد خان لنڊ آزاد اميدوار سردار نادر اڪمل خان لغاري آزاد اميدوار سيد سڪندر علي شاھ حصو وٺي رهيا آهن جنھن تڪ تي عجيب صورتحال پيدا ٿي وئي آهي پاڪستان پيپلز پارٽي جو اميدوار مير خالد احمد خان لنڊ ۽ سردار علي گوهر خان مهر آزاد اميدوار سردار نادر اڪمل لغاري جي حمايت ۾ سرگرم نظر اچي رھيا آھن ، جتي پڻ آزاد اميدوار مجيب الرحمان مرڻانس ، جمعيت علماء اسلام جي صغير احمد خان لنڊ سردار عبدالباري خان پتافي ، ۽ نادر اڪمل خان لغاري ۾ سخت مقابلي جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي اھڙي طرح پي ايس 18 اوٻاوڙو تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي نامزد اميدوار سردار مير شھر يار خان شر ، جمعيت علماء اسلام جي اميدوار مولانا ناصر محمود سومرو ڄام مھتاب حسين ڏھر ، ميان رفيق احمد ، پاڪستان تحريڪ انصاف سان منسلڪ آزاد اميدوار ايڊووڪيٽ علي اڪبر لغاري ، حصو وٺي رهيا آهن جتي پڻ اميدوارن ۾ سخت مقابلي جو امڪان آهي جتي پڻ پاڪستان پيپلز پارٽي گھوٽڪي ضلعي جي قيادت ڄام مھتاب حسين خان ڏھر کان ھٿ کڻائڻ ۾ ھن وقت تائين ناڪام رھي آھي جنھن سبب پ پ جو اڳواڻ ڄام مھتاب حسين ڏھر ۽ شھر يار خان شر ھڪ ٻئي خلاف الزامن جي بارش شروع ڪري ڇڏي آهي ، اھڙي طرح پي ايس 20 خانڳڙهه تي پاڪستان پيپلز پارٽي جو اميدوار چيف سردار محمد بخش خان مھر جمعيت علماءِ اسلام جو اڳواڻ مولانا محمد اسحاق لغاري ميدان تي نڪري پيا آھن جڏھن ته پي ايس 21 گھوٽڪي تي سردار علي نواز عرف راجا خان مهر ، جمعيت علماء اسلام جي نامزد اميدوار سردار غلام عباس عرف پپو چاچڙ ۽ آزاد اميدوار ياسمين طاھرہ ، پاڪستان تحريڪ انصاف سان منسلڪ آزاد اميدوار ڊاڪٽر غلام رضا چنا مد مقابل آھن ٻي پاسي گزريل پنجن سالن کان عوامي مسئلن کان لاتعلق بڻيل گھوٽڪي ضلعي جي سياست دانن جا بنگلا عارضي طور عوام لاءِ کلي ويا آهن جتي چويھ ڪلاڪ جشن جو سماء ڏسڻ ۾ اچي رھيو آھي ۽ سياست دانن پاران ۽ انھن جي حمايتين پاران عوام کي ۽ مختلف برادرين جي وڏيررن تي شفقت جو ھٿ رکي سنھري خواب ڏيکاري پنھجي پنھجي حمايت ۾ بيان جاري ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي پر گھوٽڪي ضلعي ۾ بد امني بنيادي مسئلن جي حل ۽ قبائلي تڪرارن جي خاتمي لاء ڪابه حڪمت عملي سامھون نه آئي آھي ،

Leave A Reply

Your email address will not be published.