My WordPress Blog

لاڙڪاڻو شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاه جي خاص هدايتن تي  ورڪشاپ جو انعقاد ڪيو ويو

0

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ راجا خان گاڏھي) شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاه جي خاص هدايتن تي ، شيخ زيد عورتاڻي اسپتال جي يونٽ نمبر 2 جي طرفان شيخ زيد عورتاڻي اسپتال ۾ هڪ روزا فيسٽولا جي ڪئمپ ۽ ورڪشاپ جو انعقاد ڪيو ويو ، ڪئمپ ۾ ملڪي سطح  تي عورتاڻين بيمارين جي ماهر پروفيسر پشپاسريچند شيخ زيد اسپتال لاڙڪاڻو جي ماهر ڊاڪٽرياڻين سان گڏجي ڇهن فيسٽولا جي مريض عورتن جا ڪامياب آپريشن ڪيا ،گڏوگڏ ورڪشاپ ۾ لائيو آپريشن ڏيکاريا ويا ، فيستولا جو ورڪساپ يو اين ايف اي جي سهڪار سان منعقد ڪيو ويو هيو ، ورڪشاپ ۾ نرسنگ سان گڏ ايل ايڇ ويز کي ٽريننگ ڏني وئي ،  انموقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر نصرت شاه چيو ته  پوئتي پيل علائقن ۾ فيسٽولا جي مريض عورتن کي حقارت جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ فيسٽولا جي مرض کي لاعلاج سمجهيو وڃي ٿو ، جڏهن ته فيسٽولا جو آپريشن ذريعي علاج ممڪن آهي  ، ان موقعي تي پروفيسر پشپاسريچند ڳالهائيندي چيو ته فيسٽولا جنهن ۾ پيشاب ۽ پاخاني جي ناليون گڏجي وينديون آهن پر علاج کان پوءَ مريض عورتون هڪ عام عورت جيان زندگي گذاري سگهن ٿيون ، فيسٽولا جو وڏو سبب ٻهراڙين ۾ موجود دايون ۽ عطائي ڊاڪٽر هجن ٿا ، شعور نه هجڻ ڪري اڪثر اهڙين عورتن کي طلاق ٿي ويندي آهي ،  انموقعي ته پروفيسر فوزيه ڪاشف چيو ته اسان علاج سان گڏ آگاهي مهم پڻ هلائي رهيا آهيون ۽ اهڙي متاثر عورتن کي مفت علاج ۽ دوائن سان گڏوگڏ ڪرايو ڀاڙو پڻ ڏنو ويندو آهي ، انموقعي تي پروفيسر شاهده مگسي ، پروفيسر شائسته ابڙو ، ڊاڪٽر فوزيه چانڊيو  ، ۽ يو اين ايف اي جي نمائندي ڊاڪٽر انعام خصوصي شرڪت ڪئي ،ٻئي طرف يونيورسٽيءَ طرفان  غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج سکر ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ واري تقريب ٿي گذري ، جنهن ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاه شاگردن ۾ 37 شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورهايا ، تقريب ۾ مهر ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر رفيق احمد ميمڻ ، وائيس پرنسپال پروفيسر غلام رسول ٻوڪ ۽ ڊاريڪٽر آءِ ٽي انجنيئر روشن علي شيخ پڻ شرڪت ڪئي ، وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاه ليپ ٽاپ حاصل ڪندڙ شاگردن کي مبارڪباد ڏني انموقعي تي ڊاريڪٽر آءِ ٽي انجنيئر روشن علي شيخ ٻڌايو ته اسان ليپ ٽاپ اسڪيم تحت يونيورسٽيءَ جي ڇٽيءَ هيٺ ڪم ڪندڙ ٻين ادارن ، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ، بيبي آصفه ڊينٽل ڪاليج ، انسٽيٽيوٽ آف فارميسي ، نرسنگ ڪاليج ۽  انسٽيٽيوٽ آف فزيوٿراپي ۾ 214 ليپ ٽاپ ورهائي چڪا آهيون ، بعد ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاه ، اروڙ يونيورسٽي پهچي ، اروڙ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر زاهد حسين کنڊ سان گڏجي هڪ باهمي يادائشت نامي تي پڻ صحيون ڪيون ،  اهڙو بيان يونيورسٽيءَ جي پريس ترجمان عبدالصمد ڀٽيءَ طرفان جاري ڪيو ويو

Leave A Reply

Your email address will not be published.